قاهره-26 آڪٽوبر(اي پي پي) مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي چيو آهي ته سندس ملڪ پنهنجي پوري تاريخ ۾ پنهنجي سرحدن کي عبور ??اه?? ڪيو ۽ ان ??ا سمورا هدف پنهنجي سرحدن جي حفاظت ۽ پنهنجي قومي سلامتي کي محفوظ بڻائڻ آهي. سعودي خابرو اداري موجب هن گذريل ڏينهن سوئز ۾ فورٿ آرمرڊ ڊويزن جي جنگي صلاحيتن ۽ تيارين جي معائني دوران ڳالهائيندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته مصر سمورن بحرانن مان ??بر ۽ تحمل سان منهن ڏيندو آهي ته جيئن طاقت جي استعمال کانسواءِ مقصد حاصل ڪري سگهجن. هن چيو ته اسان پنهنجي دفاع ۾ پنهنجي طاقت ??ي فهم ۽ فراست سان ??ستعمال ڪنداسين. مصر جي صدر غزه جي صورتحال تي تبصرو ڪندي چيو ته اسان ??زه ۾ جاري ڇڪتاڻ تي ضابطو آڻڻ ۽ ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ جنگ بندي تائين پهچڻ ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته فلسطين مسئلي جو حل سفارتي ذريعن سان ممڪن آهي ۽ اسان فلسطين تڪرار جي ٻه رياستي حل جي حمايت جاري رکندسين.
اسان پنهنجي دفاع ۾ طاقت کي فهم ۽ فراست سان استعمال ڪنداسين:صدر عبدالفتاح السيسي
مضمون کا ماخذ : Aztec خزانے