نوم پنه-05 جنوري (اي پي پي)ڪمبوڊيا ۾ 2023ع ۾ وڄ ڪرڻ سبب 84 ماڻهو فوت جڏهن ته 59 زخمي ٿيا آهن. چيني خابرو اداري موجب ڪمبوڊيا ۾ ڊزاسٽر مينيجمينٽ بابت نيشنل ڪميٽي (اين سي ڊي ايم) جي ترجمان سوٿ ڪ?? ڪولموني ميڊيا کي ٻڌايو ته ڪمبوڊيا ۾ 2023ع ۾ وڄ ڪرڻ سبب 84 ماڻهو فوت ۽ 59 زخمي ٿيا آهن. هن ٻڌايو ته وڄ ڪرڻ جي واقعن جي وڌندڙ انگ پٺيان موسمياتي تبديلي هئي. هن ٻڌايو ته وڄ ڪرڻ جي خطرن کان بچڻ لاءِ ماڻهن کي ??اص طور تي ٻهراڙي جي علائقن ۾ رهندڙن کي ??وفان يا برسات وقت گهرن يا پناهگاهن ۾ رهڻ گهرجي. اين سي ڊي ايم مستقبل ۾ فوتگين کي ??وڪڻ ۾ مدد لاءِ وڌيڪ خطرن وارن علائقن ۾ وڄ کان بچاءُ جا اوزار لڳائڻ جي منصوبي جي وضاحب پڻ ڪئي، واضح رهي ته ڪمبوڊيا ۾ مئي کان آڪٽوبر تائين برساتن ??ي موسم ۾ اڪثر وڄ ڪرڻ جا واقعا ٿيندا آهن.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپلی کیشنز کے فوائد