اسلام آباد – 03 نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته و??ير??عظم محمد نواز شريف سدائين سهپ، صبر ۽ تحمل جي سياست ڪئي ۽ ڪلچر کي فروغ ڏنو آ??ي، جمهوريت ۽ پارليامينٽ جي بالادستي قائم رکڻ جي لاءِ ضروري آهي ته سياسي ڪلچر ۾ سهپ هجي. پارليامينٽ هائوس جي ميڊيا گيلري ۾ پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن (پي آر اي) ۽ سينيئر صحافين سان ڳالهائي رهي هئي. مريم اورنگزيب پارليامينٽ هائوس ۾ قائم پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن جي آفيس ج?? پڻ دورو ڪيو. پي آر اي جي صدر صديق ساجد کانسواءِ ٻين عهديدارن ۽ سينيئر صحافين جو وڏو انگ ان موقعي تي موجود هو. مملڪتي وزير مريم اورنگزيب صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته آئون و??ير??عظم جي ٿورائتي آهيان جنهن منهنجي صلاحيتن تي اعتماد جو اظهار ڪندي مون کي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جو عهدو ڏنو آهي.
وزيراعظم سدائين سهپ، صبر ۽ تحمل جي سياست ڪئي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : Raging Rhino