لنڊن – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خ??قان عباسي چيو آهي ته قومي ادارن ۾ ڪنهن قسم جو ڪو ٽڪراءُ نه آهي، سازشي نظرين تي يقين نه ٿو رکان ۽ نه ئي م??ڪ ۾ اهڙي قسم جي ڪا گنجائش آهي. هيٿرو ايئرپورٽ تي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ادارن جي وچ ۾ ٽڪراءُ جو تاثر رڳو اخبارن ۽ ٽي وي چينلز تي ئي نظر اچي ٿو. هن چيو ته سياسي ۽ فوجي قيادت آمريڪي پرڏيهي سيڪريٽري ريڪس ٽلرسن سان اسلام آباد ۾ ٿيندڙ تازي م??اقات ۾ گڏ ويٺل هئي ۽ ملڪ جا سمورا ادارا قومي ترقي ۾ مجموعي طور تي پنهنجو ڪردار ادا ??ري رهيا آهن. هن ميڊيا کي ٻڌايو ته هي سندس نجي دورو آهي ۽ ان تي قومي ناڻي جو ڪو به پئسو خرچ نه ٿيندو. هن چيو ته هو سومر جي رات پاڪستان واپس پهچي ويندو.
مضمون کا ماخذ : اولمپس کے خدا