اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي سڌ سماءُ بابت خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ڪشمير مسئلي کي حڪومت جي اولين ترجيح قرار ڏيندي چيو آهي ته قومي ايجنڊا تي اسان سڀ متحد آهيون، اڄوڪو ڏينهن حڪومت جي هڪ سال جي تڪميل جو ڏينهن آهي پر اسان اهو ڏينهن پنهنجي مظلوم ڪشميرين ڀينرن ۽ ڀائرن جي نالي ڪريون ٿا، ڀارت ڀيانڪ عمل، جا??حيت ۽ ڪارن قدم سان پوري والاريل وادي کي جيل ۾ بدلائي ڇڏيو آهي، ڪشمير ۾ معصوم ٻار کير جڏهن ته بيمار ماڻهو دوائن جي لاءِ سڪي رهيا آهن. پاڪستان تحريڪ انصاف حڪومت جي هڪ سال جي ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪندي هتي منعقد خصوصي تقريب کي ??طا?? ڪندي وزيراعظم جي سڌ سماءُ بابت خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته اڄ صحافين پنهنجي موڪل ۽ خاندان جو وقت پاڪستان جي لاءِ وقف ڪيو آهي، ايتري وڏي تعداد ۾ صحافين جي تقريب ۾ موجودگي ان ڳالهه کي واضح ڪري ٿي ته قومي ايجنڊا تي اسان سڀ متحد آهيون ۽ پنهنجون خوشيون، راحت ۽ سڪون قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، هن چيو ته گذريل ڪيترن ئي هفت?? کان ڀارت والاريل ڪشمير ۾ جا??حيت، ڀ??انڪ عمل ۽ ڪارن قدمن سان پوري وادي کي جيل ۾ بدلائي ڇڏيو آهي، ??الاريل ڪشمير کي هن وقت دنيا جي سڀ کان وڏي جيل ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، ??ن چيو ته 14 ڏينه?? کان وڌيڪ گذري چڪا آهن ۽ والاريل ڪشمير لينڊلاڪ جو شڪار آهي جتي معصوم ٻار کير جي لاءِ تڙپي رهيا آهن جڏهن ته بيمارن کي دوائون ميسر نه آهن جنهن سبب اهي دم ڏئي رهيا آهن ۽ ڀارت والاريل ڪشمير ۾ پنهنجي جا??حيت تان دنيا جون ڌيان هٽائڻ لاءِ مسلسل ڪيترن ئي ڏينه?? کان لائن آف ڪنٽرول جون خلاف ورزيون ڪري رهيو آهي.
ڪشمير مسئلو حڪومت جي اولين ترجيح آهي، قومي ايجنڊا تي اسان سڀ متحد آهيون: ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا اطلاق