اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري م??لڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته اجهو، لٽو ۽ ڳڀو جي نعري جي آڙ ۾ زرداري م??ڪي دولت لُٽي م??ي لانڊرنگ ڪئي جعلي اڪائونٽس ۽ سوئٽزرلينڊ ۾ سري محل ٺاهيا، سنڌ ۾ ٽيون ڀيرو پيپلزپارٽي جي حڪومت آهي سواءِ غربت، ڪرپشن ۽ لُٽ مار کانسواءِ ٻيو ڪهڙو ڪارنامو سرانجام ڏنو. سنڌ ۾ غربت جي ڪري وفاقي حڪومت پاران احساس ايمرجنسي ڪيش جي سڀ کان وڌيڪ 57 ارب 13 ڪروڙ 39 لک 96 هزار سنڌ ۾ ورهايا ويا، جيڪي مجموعي فنڊن جو 35 سيڪڙو آهن، اطلاعات ۽ نشريات واري م??لڪتي وزير فرخ حبيب بلاول زرداري جي بيان تي پنهنجي رد عمل ۾ چيو ته بلاول ڀٽو ز??داري ٻڌائي سنڌ جي عوام کي م??ت علاج لاءِ هيلٿ ڪارڊ ڇو نه ڏئي رهيو آهي، پرچي چيئرمين سچ ٻڌائي ڇا ڪڻڪ خريداري جي امدادي قيمت 1400 کان وڌائي 2000 هزار روپ??ا في مڻ ڪرڻ جو اثر اٽي جي قيمتن تي نه ايندو؟ هن چيو ته 2008ع کان 2013ع تائين پيپلزپارٽي جي حڪومت ۾ فصلن جي گروٿ سراسري 1.25 جڏهن ته آبادي جي گروٿ 2 سيڪڙو هئي، توهان جي ڪري م??ڪ ۾ فوڊ سيڪيورٽي جا مسئلا پيدا ٿيا، هن چيو ته عمران خان جي قيادت ۾ حڪومت غذائي تحفظ جي شعبي ۾ پاڻڀرو ٿيڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، پرچي چيئرمين واڳون وارا ڳوڙها نه وهائي پر سنڌ ۾ ذخيرو اندوز مافيا جي خلاف ايڪشن کڻي.
اجهو، لٽو ۽ ڳڀو جي نعري جي آڙ ۾ زرداري ملڪي دولت لُٽي سري محل ٺاهيا: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لاٹری