لاهور – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عورت کي سڀ کان پهرين وراثت ۾ حصو اسلام ڏنو آهي جيڪو ان کان ڪير به ڇني نٿو سگهي، موجوده حڪومت به عورتن کي بااختيار بڻائڻ سميت کين قومي ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ ??رعزم آهي، ان لاءِ ??نجاب حڪومت عورتن کي جائيداد ۾ حصو ڏيڻ جي ??والي سان قانونسازي ڪئي آهي. هو مقامي هوٽل ۾ ”عورتن جي ??راسگي“ جي موضوع تي منعقد قومي سيمينار کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي وفاقي محتسب نبيله خان، اسيمبلي ميمبر، مختلف اين جي ??وز ۽ انساني حقن جي ??نظيمن جون نمائنده عورتون ۽ ٻيا ماڻهو به موجود هئا. صد?? ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته عورتن کي جائيداد ۾ حصو ڏيڻ جي ??والي سان پنجاب حڪومت جي قانونسازي خوش آئنده آهي ۽ ان تي مڪمل عملدرآمد ٿيڻ گهرجي ??ه جيئن اهو سمورو مرحلو قانون جي ??ائري ۾ رهندي ٿيڻ گهرجي، اهو نه ٿيڻ گهرجي ??ه توهان جائيدادن ۾ پنهنجو حصو وٺڻ لاءِ ??ٿياربند ماڻهو گڏ وٺي اچو. هن چيو ته اسان جي ملڪ ۾ جائيداد جا تڪرار معمول جي ڳالهه آهن، هن چيو ته آئون به اهڙن متاثرن ۾ شامل آهيان پر آئون قانون موجب پنهنجو حصو حاصل ڪرڻ تي يقين رکان ٿو، بهر حال عورتن کي جائيداد ۾ حصو ڏيڻ اسان جي ??يني ۽ معاشرتي ذميداري آهي. صد?? چيو ته ه?? اسٽيٽ بئنڪ سميت ٻين مالياتي ادارن سان عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ قومي ڌارا ۾ آڻڻ جي ??رض سان معاشي ۽ اقتصادي طور تي مستحڪم ڪرڻ جي ??والي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ته ادارن پاران مون کي ٻڌايو ويو ته حڪومت عورتن کي معاشي طور تي مضبوط ۽ بااختيار بڻائڻ لاءِ آسان ترين شرطن تي قرض جاري ڪرڻ جو پروگرام باقاعده شروع ڪري رکيو آهي. عارف علوي چيو ته مون کي اهو ٻڌي حيراني ٿي ته حڪومت پاران فنڊز فراهم ڪيا ويا آهن پر عورتون ان مان فائدو کڻڻ لاءِ بئنڪن يا لاڳاپيل ادارن جو رخ نه ڪري رهيون آهن. هن اسيمبلي جي ??ورت ميمبرن کي مخاطب ٿيندي چيو ته ه?? ان سلسلي ۾ عورتن جي ??صلاح ڪن ۽ انهن ۾ شعور اجاگر ڪن ته ه?? حڪومت جي ڪامياب جوان پروگرام مان فائدو کڻن ڇو ته اهو پروگرام صرف مردن لاءِ ئي ناهي پر ان ۾ عورتون به شامل آهن. هن چيو ته عورتون ملڪ جي ڪل آبادي جو اڌ آهن ان لاءِ کين هر شعبي ۾ برابري ۽ مساوات جو حق حاصل آهي جڏهن ته حڪومت صنفي امتيازي جي هر سطح تي حوصلا شڪني ڪندي آهي. عورتن جي ??جاب جي ??والي سان صد?? ڀارتي صحافي ارون ڌتي راءِ جو حوالو ڏنو جنهن عورتن جي ??جاب پائڻ جي مخالفت ڪندڙن تي تنقيد ڪئي آهي ۽ عورتن جي پنهنجي مرضي موجب برقعو يا حجاب پائڻ کي درست قرار ڏنو آهي. عارف علوي چيو ته ڪنهن کي نه ته زبردستي حجاب پارائي سگهجي ٿو ۽ نه ڪنهن جو حجاب لاهي سگهجي ٿو. هن چيو ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ وقت جي ??هم ضرورت آهي ۽ معيشت سان گڏوگڏ معاشري جي ??هتري لاءِ عورتن کي هر شعبي ۾ پنهنجو عملي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. صد?? چيو ته منهنجي ??لم ۾ اها ڳالهه آئي آهي ته عورتون حڪومت جي ڪامياب جوان پروگرام مان مستفيد ٿيڻ لاءِ ??اڳاپيل بئنڪن ۽ ادارن سان رابطو ئي نه ڪري رهيون آهن ۽ صرف ٻه سيڪڙو عورتون قرض کي حاصل ڪرڻ لاءِ رابطو ڪيو آهي جيڪو بي حد آسان يا نه هجڻ جي ??رابر شرطن تي ڏنو پيو وڃي جنهن تي مون کي وڏي حيراني ٿي. هن چيو ته عورتن کي گهرجي ??ه ه?? بزنس فزيبلٽي يا ڪاروبار جو پلان جوڙين ۽ ڏسن ته ه?? قرض جي پئسن مان ڪهڙي طرح پنهنجو روزگار ڪري سگهن ٿيون ۽ ان کانپوءِ ??و بئنڪ وڃن يا لاڳاپيل فورم سان رجوع ڪري قرض حاصل ڪن ۽ نه رڳو پنهنجي ??اندان جي ڪفالت ڪن پر قومي معيشت ۾ پنهنجو حصو وجهن.
عورت کي سڀ کان پهرين وراثت ۾ حصو اسلام ڏنو آهي جيڪو ان کان ڪير به ڇني نٿو سگهي: صدر
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے اعدادوشمار