اسلام آباد -19 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير شي?? رشيد احمد چيو آهي ته خاتم النبيين حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن جي ولادت جي مبارڪ ترين ڏينهن تي پوري مسلم امت کي مبارڪون پيش ڪيان ٿو، ??سو?? حسنه تي عمل ڪري ئي اسان بهترين معاشرو جوڙي سگهون ٿا.
گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل بيان مطابق شي?? رشيد احمد جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته نبي آخر الزمان حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن جو امتي هئڻ تي انتهائي فخر محسوس ڪيان ٿو. نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن مذهبي، لساني، معاشرتي ۽ معاشي تعصبن کان پاڪ معاشري جو بنياد رکيو.
گهرو وزير چيو ته ??سو?? حسنه تي عمل ڪري ئي اسان بهترين معاشرو جوڙي سگهون ٿا. هن چيو ته دعا آهي ته الله تعاليٰ اسان سڀني کي ??سو?? حسنه تي عمل ڪرڻ جي توفيق ۽ همٿ عطا ڪري.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی تجزیاتی ایپ