اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين اي پي ا??س سانحي جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ست سال گذر?? جي باوجود اڄ به اسان اي پي ا??س سانحي کي نه وساري سگهياسين، بزدل شرپسند عنصرن قوم جي مستقبل، هٿين خالي معصوم ٻارن تي حملو ڪري کين شهيد ڪيو، ان ڏينهن کي ياد ڪري ڪو به پنهنجا لڙڪ نٿو روڪي سگهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته اي پي ا??س سانحي جا شهيد پوري قوم کي دهشتگردي جي خلاف متحد ڪيو، 16 ڊسمبر جو ڏ??نهن آرمي پبلڪ اسڪول جي شهيدن جي عظيم قربانين جي سدائين ياد ڏياريندو رهندو، هن چيو ته قوم جي حيثيت سان دهشتگردي کي شڪست ڏيڻ لاءِ ڊگهو سفر طئي ڪيو، اسان پاڪستان ۾ ڊگهي ا??ن ۽ ترقي طرف گامزن آهيون، وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ آرمي پبلڪ اسڪول جي شهيدن جا درجا بلند ڪري ۽ سندس وارثن کي صبر جميل عطا فرمائي.
چوڌري فواد حسين پاران اي پي ايس سانحي جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش
مضمون کا ماخذ : لاہور لاٹری