اسلام آباد – 09 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هڪ ئي خاندان جي 8 ڀاتين سميت مريءَ ۾ فوت ٿيندڙ اسلام آباد پوليس جي اي ايس آءِ نويد اقبال جي ڀاءُ سان تعزيت جي اظهار لاءِ ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. ايوان صدر ج?? پريس ونگ پاران بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي هڪ ئي خاندان جي 8 ڀاتين جي فوت ٿيڻ تي گهري صدمي ۽ ڏک جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته نويد اقبال، سندس خاندان سميت معصوم ٻارن جي حادثي ۾ فوت ٿيڻ جو ٻڌي سخت صدمو پهتو. صدر چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ منهنجون همدرديون متاثرين ۽ ان??ن جي پونئيرن سان گڏ آهن. هن دعا ڪئي ته ال??ه تعاليٰ مرحومن جي مغفرت فرمائي ۽ جنت ال??ردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي گهرڀاتين سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ ان??ن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ