انقره – 01 – جون (اي پي پي) وز??راعظم شهباز شريف ترڪ سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ توانائي سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ??ي موقعن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي دعوت ڏني آهي. ڊي اي آءِ ڪي – فار اڪنا??ڪ رليشنز بورڊ تحت ترڪي پاڪستان بزنس ڪائونسل کي خطاب ڪندي وز??راعظم چيو آهي ته پاڪستان ۾ هائيڊل، ٿرمل، ڪول، ونڊ ۽ سولر سميت توانائي جي شعبي ۾ ترڪ سيڙپڪارن لاءِ سيڙپڪاري ??ا بهترين موقعا موجود آهن، وز??راعظم چيو آهي ته ڪيترائي مشهور ترڪ سيڙپڪار پهرين ئي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪري چڪا آهن، هن يقين ڏياريو ته حڪومت انهن منصوبن جي سلسلي ۾ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي، وز??راعظم چيو ته عالمي سطح تي توانائي جي وڌندڙ قيمتن ۽ پاڪستان ۾ توانائي جي وڌندڙ ضرورتن کي نظر ۾ رکندي پاڪستان کي توانائي جي شعبي ۾ بهتري ??ڻڻ جي ضرورت آهي، توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ??ان ترڪ سيڙپڪار ۽ پاڪستان ٻ??هي کي فائدو ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان آبي وسيلن ۽ ڊيمن جي تعمير لاءِ ترڪي جي مهارت مان فائدو حاصل ڪري ??گهي ٿو، پاڪستان ۾ اقتصادي ۽ سيڙپڪاري ??ا موقعا اجاگر ڪندي وز??راعظم خصوصي توانائي، هائوسنگ، ٽيڪسٽائيلز، انفرااسٽرڪچر جي ترقي، تيل ۽ گئس ۽ زراعت تي ٻڌل صنعتن جو خاص طور ذڪر ڪيو. وز??راعظم چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ لاڳاپا محبت، اخوت، گڏيل احترام جي بنياد تي هموار آهن ۽ ٻئي ملڪ تاريخ، صديون پراڻي روايتن ۽ گڏيل امنگن جا امين آهن، هن چيو ته ٻئي قومون هر طرح جي حالتن ۾ هڪٻئي جو ساٿ ڏنو آهي، ۽ انهن جا لاڳاپا نهايت دوستاڻا ۽ غير معمولي گڏيل اعتماد تي ٻڌل رهيا آهن، وز??راعظم چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي جي ٽيڪسٽائيل ڪمپنيون پاڪستان ۾ خاص طور عالمي صنعت، واپار ۽ گڏيل منصوبن ۾ سيڙپڪاري ڪري ??گهن ٿيون ۽ علائقائي ۽ عالمي سطح جي ويلو چينز ۾ حصيدار بڻجي سگهن ٿيون، هن ترڪ ڪمپنين کي پاڪستان ۾ زراعت تي ٻڌل صنعتي شعبي ۽ ڊيري فارمنگ ۾ سيڙپڪاري ??ي دعوت به ڏني ۽ چيو ته انهن شعبن ۾ وسيع موقعا موجود آهن. وز??راعظم چيو ته پاڪستان ۽ ترڪ ڪمپنيون تيل ۽ گئس جي شعبن ۾ گڏجي ڪم ڪري ??گهن ٿيون ۽ نه رڳو تيل ۽ گئس جي ڳولا ۽ پيداوار پر ريفائنريز جي تعمير ۽ پائيپ لائينز وڇائڻ ۾ به حصيداري ڪري ??گهن ٿيون وز??راعظم پنهنجي حڪومت جي ترجيحن کي اجاگر ڪندي چيو ته چوٿين عالمي صنعتي انقلاب جي تناظر ۾ خاص طور صنعتي پيداوار جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ اهميت رکندڙ آهي، هن چيو ته پاڪستان جي وڏي آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي، جيڪا ملڪ جي ترقي ۾ تمام اهم ڪردار ادا ڪري ??گهي ٿي.
وزيراعظم پاران ترڪ سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ توانائي سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي دعوت
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا ٹکٹ کیسے خریدیں