اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??ي پيڪ کي پاڪستان، چين، علائقائي ۽ دنيا جي ٻين ملڪن جي ل??ءِ اقتصادي، مالياتي، پهچ ۽ رابطا ساز?? ۾ ??هميت رکندڙ منصوبو قرار ڏيندي چيو آهي ته ??ي پيڪ ۾ ٻين ملڪن جي حصيداري ۽ ان مان فائدو کڻڻ جي آجيان ڪنداسين. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ چيني سفير نونگ رونگ سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پاڪ چين اقصادي لنگهه منصوبو (??ي پيڪ) هڪ اسٽريٽجڪ منصوبو آهي، ??ي پيڪ تحت خصوصي اقتصادي زونز جو مڪمل فعال ٿيڻ هڪ اهم سنگ ميل آهي. صدر چيو ته چيني آءِ ٽي سيڪٽر خصوصي اقتصادي زونز ۾ سيڙپڪاري ڪري، پاڪستان چيني ڪارڪنن ۽ شهرين جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي ل??ءِ ٺوس قدم کنيا آهن. صدر چين ۽ گوادر جي وچ ۾ رستي جي رابطن کي پورو سال سمورين موسمي حالتن ۾ مڪمل طور تي فعال ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان چيني قيادت پاران لکين ماڻهن کي غربت مان ڪڍڻ ۽ هيٺئين سطح تي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ جي ل??ءِ کنيل قدمن مان سکي رهيو آهي، چين جي اعليٰ قيادت سان ملاقاتن سان اقتصادي، مالياتي، مواصلات، واپار ۽ سيڙپڪار?? ۾ ??وستي ۽ تعاون وڌيڪ مضبوط ٿيو. صدر چيو ته موجوده بدلجندڙ عالمي منظرنامي ۾ چين خط?? ۾ ??مام گهڻي اهميت اختيار ڪري ورت?? آهي، پاڪستان خط?? ۾ ??من ۽ استحڪام جي ل??ءِ چين جو ويجهو ساٿ?? آهي، ٻنهي ملڪن کي ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي ل??ءِ مقامي ڪرنسي جي استعمال جا آپشنز ڳولا ڪرڻ گهرجن. چين جي سفير نونگ رونگ صدر کي چيني صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي چيانگ پاران نيڪ خواهشون پيش ڪيون. هن چيو ته چين جي حڪومت ??ي پيڪ کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي ل??ءِ پوري طرح پرعزم آهي. صدر پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ جي لکين متاثرين جون تڪليفون گهٽ ڪرڻ جي ل??ءِ چين پاران فراهم ڪئي ويندڙ مدد ۽ همدردي جا پڻ ٿورا مڃيا.
سي پيڪ پاڪستان، چين، علائقائي ۽ دنيا جي ٻين ملڪن جي لاءِ اقتصادي، مالياتي، پهچ ۽ رابطا سازي ۾ اهميت رکندڙ منصوبو آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل