اسلام آباد– 20 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏ??ل عرب امارات جي واپارين تي زور ڏنو آهي ته اهي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي بي پناهه موقعن مان ڀرپو?? فائدو حاصل ڪن، پاڪستان 22 ڪروڙ کان وڌيڪ آبادي جي مارڪيٽ آهي، جتي توانائي، انفراسٽرڪچر، اي ڪامرس، زرعي صنعت ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ انهن جا منتظر آهيون. خليج ٽائيمز کي ڏنل انٽرويو ۾ وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي واپار جو ڪاٿو 22 – 2021ع دوران 25.40 سيڪڙو جي اضافي سان گڏ 10 ارب 60 ڪروڙ ڊالر هو، جيتوڻيڪ ٻطرفي واپار جي اها سطح هاڻي به ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن جي صحيح عڪاس نه آهي، اسان پنهنجي موجوده اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جا خواهشمند آهيون. هڪ سوال جي ج??اب ۾ وزيراعظم چيو ته اسان پنهنجي اقتصادي لاڳاپن کي بهترين سياسي لاڳاپن جي برابر آڻڻ جي لاءِ اقتصادي تعاون جا نوان رستا ڳولي رهيا آهيون. انفارميشن ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت ۽ فنانشل ٽيڪنالاجي شعبن ۾ تمام گهڻي صلاحيت سان گڏ تعاون جي گنجائش آهي. هڪ سوال جي ج??اب ۾ هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي بحالي لاءِ گڏ??ل عرب امارات جي حڪومت ۽ ان جي قيا??ت جي قدمن تي انهن جا ٿورا مڃون ٿا. گڏ??ل عرب امارات ۾ 17 لک پاڪستاني عزت ۽ احترام سان پنهنجو روزگار ڪمائي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته مرحوم شيخ زيد بن سلطان النهيان پاڪستان ۽ گڏ??ل عرب امارات جي وچ ۾ دوستي جو بنياد رکيو، ان جي خواهش هئي ته پاڪستان جو شمار سرگرم خوشحال ۽ ترقي يافته ملڪن ۾ ٿئي، اسان ان جي درياهه دلي ۽ سخاوت کي وڏي عرصي تائين ياد رکنداسين. هن چيو ته پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ کانپوءِ ابوظهبي ۽ پاڪستان جي وچ ۾ اسلام آباد ۽ سنڌ صوبي جي شهر ڪراچي، بدين، شڪارپور ۾ امدادي سامان جي پهچ جي لاءِ هڪ هوائي پل قائم ڪئي وئي. نومبر 2023ع ۾ گڏ??ل قومن جي موسمياتي تبديلي ڪانفرنس سي او پي 28 جي ميزباني ۾ گڏ??ل عرب امارات جي ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي وزيراعظم چيو ته پنهنجي موسمياتي سفارتڪاري جي حصي طور پاڪستان عالمي سطح تي موسمياتي تبديلي تي بحث، ڳالهين ۽ عمل ۾ تعميري تعاون جاري رکندو.
گڏيل عرب امارات جا واپاري پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي بي پناهه موقعن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : سامراا سپلٹ