اسل??م آباد – 13– اپريل (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ث??رقند ۾ افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي چوٿين اجلاس جي موقعي تي ترڪمانستان جي نائب پرڏيهي وزير ويپا حاجيوف سان ملاقات ڪئ??. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ويو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي سطح تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو. هن رابطن، واپار ۽ سيڙپڪاري، توانائي جي شعبي ۾ تعاون ۽ عوامي رابطن کي وڌائڻ جي ق??من تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئ??. هن تاپي گئس پ??ئيپ لائين منصوبي جي اهميت ۽ ان تي جلد عملدرآمد جي حوالي سان پنهنجي جو پڻ ورجاءُ ڪيو.
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں