اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فا??ي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان هر شيءَ جو الزام جنرل ??اجوه تي هڻي ٿو، هو جواب ڏي ته ڇا هو رڳو هيليڪا??ٽر جي سير لاءِ وزارت عظميٰ جي ڪرسيءَ تي ويٺو هو؟ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري ??فا??ي وزير سوال ڪيو ته ڇا 2018ع ۾ حڪومت باجوه ٺاهي هئي؟ عالمي سازش باجوه ڪئي؟ توشه خانه جون گهڙيون باجوه جي چوڻ تي چوري ڪيون؟ عدت ۾ شادي باجوه جي چوڻ تي ڪئي؟ ملڪ رياض کان هيرا، زمينون پنڪي باجوه جي چوڻ تي رشوت ۾ ورتيون؟ سي پيڪ باجوه جي چوڻ تي روڪيو؟ معيشت تباهه، آءِ ايم ايف معاهدي جي خلاف ورزي باجوه جي چوڻ تي ڪئي؟ هن چيو ته ڇا مير جعفر کي ايڪسٽينشن ۽ ٻي ايڪسٽينشن جي آفر باجوه جي چوڻ تي ڏني؟ بوزدار ۽ پرويز الاهي کي وڏو وزير باجوه جي چوڻ تي هنيو؟ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جون اسيمبليون باجوه جي چوڻ تي ٽوڙيون؟ هن چيو ته عمران خان رڳو پنهنجي مرضي سان 55 رپين ۾ بني گالا کان وزيراعظم هائوس هيليڪا??ٽر جو سير ڪندو هو؟.
عمران خان هر شيءَ جو الزام جنرل باجوه تي هڻي ٿو، هو جواب ڏي ته ڇا هو رڳو هيليڪاپٽر جي سير لاءِ وزارت عظميٰ جي ڪرسيءَ تي ويٺو هو: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا انعام کیسے حاصل کریں