اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بيلاروس سان اقتصادي، زرعي، سائنس ۽ ٽ??ڪنالاجي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، تعليم، ثقافت ۽ ٻين شعبن ۾ گڏيل تعاون وڌائڻ جي لاءِ پاڪس??ان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪس??ان بيلاروس سان پنهنجي خوشگوار ۽ گهڻ رخي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان لاهور ۾ بيلاروس جي پرڏيهي وزير سرگئي ايلينڪ ملاقات ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف بيلاروس جي پرڏيهي وزير جي آجيان ڪئي. پرڏيهي وزير سرگئي ايلينڪ وزيراعظم کي صدر لوڪا شينڪو جو مبارڪباد وارو پيغام پهچايو جن??ن ۾ چيو ويو ته بيلاروس پاڪس??ان کي خطي جو هڪ ??هم ملڪ سمجهي ٿو ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ ان جي ڪوششن کي ساراهي ٿو. وزيراعظم بيلاروس جي پرڏيهي وزير کي ڀارت پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين کان پڻ آگاهه ڪيو. پاڪس??ان ۽ بيلاروس جي 2024ع ۾ سفا??تي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 30 هين سالگرهه جي ڏس ۾ وزيراعظم مسلسل اعليٰ سطحي وفدن جي مٽاسٽا ۽ ٻين سرگرمين جي آجيان ڪئي. ان سلسلي ۾ هن بيلاروس جي صدر کي جلد پاڪس??ان جو دورو ڪرڻ جي دعوت جو پڻ ورجاءُ ڪيو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان بيلاروس جي پرڏيهي وزير سرگئي ايلينڪ جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ