لنڊن – 03 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي برطانيا جي دوري جي لاءِ لنڊن پهچي ويو. لنڊن پهچڻ تي پاڪستان جي برطانيا ۾ هاءِ ڪمشنر ۽ برطانيا جي پرڏيهي وزير جي خصوصي نمائندي وزيراعظم جو استقبال ڪيو. وزيراعظم آفي?? جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پنهنجي دوري دوران برطانيا جي بادشاهه چارلس ٽئين جي تاج پوشي رسم ۾ ش??ڪت ڪندو. ان کانسواءِ وزيراعظم دولت مشترڪه جي ميمبر ملڪن جي سربراهن جي اجلاس ۾ ش??ڪت ڪندو. وزيراعظم بادشاهه چارلس ٽئين پاران تاج پوشي جي تقريب ۾ ش??ڪت جي لا??ِ آيل ملڪي سربراهن جي اعزاز ۾ ٿيندڙ دعوت ۾ ش??ڪت ڪندو جتي وزيراعظم جون ٻطرفيون مل??قاتون پڻ متو??ع آهن. وزيراعظم پنهنجي دوري دوران لنڊن ۾ ميان محمد نواز شريف سان مل??قات پڻ ڪندو.
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا