اسلام آباد – 12 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان سدائين عدليه جي توهين ڪئي، ڪڏهن به قانون جي پاسد??ري نه ڪئي، هو سمجهي ٿو ته ??ير ان کان پڇي نه ٿو سگهي، عمران خان جي گرفت??ري قانون موجب هئي، ان سان عام شهري جهڙو سلوڪ ٿيڻ گهرجي. ”اسڪائي نيوز“ کي پنهنجي خصوصي انٽرويو ۾ اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته عمران خان تي ڪرپشن جا الزام هئا، ان جي گرفت??ري سان حڪومت جو ڪو تعلق نه آهي، اها گرفت??ري نيب جي ۽ قانون موجب هئي. هڪ سوال تي اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته اسان سياسي انتقام تي يقين نه ٿا رکون، عمران خان کي گرفتار يا خاموش ڪرڻو هجي ها ته اسان 14 مهينا انتظار نه ڪريون ها. عمران خان جي نااهلي بابت سوال جي جواب ۾ اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته اسان عمران خان کي نااهل ڇو ڪرائڻ چاهينداسين؟ ڪا به جمهوري حڪومت ائين ڇو ڪندي؟ البته عمران خان پنهنجي دور ۾ سياسي اڳواڻن کي گرفتار ڪيو، جيلن ۾ وڌو ۽ انهن جو آواز بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هڪ سوال تي اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته عدالتي حڪم ج??ري ٿيڻ کانپوءِ اهو ان جو آئيني حق آهي ته هو ان آرڊر جو جائزو وٺي يا ان تي ڳالهه ڪري. هڪ ٻئي سوال تي اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته ??ذريل ٽن ڏينهن دوران ڪو پرامن شهري رستن تي نه هو، رڳو هٿياربند جٿا ۽ دهشتگرد موجود هئا جن رياستي ۽ عوامي ملڪيتن کي نقصان پهچايو.
عمران خان سدائين عدليه جي توهين ڪئي، ڪڏهن به قانون جي پاسداري نه ڪئي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری انعامات