اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت ناڻي واري وزارت جي مختلف جاري ۽ نئين منصوبن جي ل??ءِ مجموعي طور تي 3220 ملين رپين فنڊز رکڻ جي تج??يز ڏني آهي. بجيٽ دستاويزن موجب ناڻي واري وزارت جي اڳ کان جاري 8 منصوبن جي ل??ءِ 1970 ملين رپيا، جنهن ۾ غيرملڪي معاونت جي 258 ملين رپيا شامل آهي ۽ ٻن نئين منصوبن جي ل??ءِ 1250 ملين رپيا رکڻ جي تج??يز آهي، اڳ کان جاري منصوبن ۾ فيڊرل آڊٽ ڪمپليڪس جي ايٽ ون اسلام آباد جي تعمير جي پي سي ون جي ل??ءِ 194.049 ملين رپيا، اسلام آباد جي ٽين ون ۾ چٽاڀيٽي ڪميشن جي آفيس جي تعمير جي ل??ءِ 23.26 ملين رپيا، عالمي بئنڪ جي تعاون سان مالياتي شموليت انفراسٽرڪچر پراجيڪٽ جي ل??ء?? 258 ملين رپيا، آڊٽ مئنيجمينٽ انفارميشن سسٽم هڻڻ جي منصوبي ل??ءِ 249.15 ملين رپيا، وفاقي حڪومت جي پي ايف ايم پاليسي فريم ورڪ جي ل??ءِ 50 ملين رپيا، پاڪستان منٽ جي اپ گريڊيشن منصوبي جي ل??ءِ 887.54 ملين رپيا، نيشنل سيونگز ڪمپليڪس پي سي ٽو جي ل??ءِ 8 ملين رپيا ۽ پاڪستان آڊٽ اينڊ اڪائونٽس اڪيڊمي اسلام آباد پي سي ون جي ل??ءِ 300 ملين رپين جا فنڊز رکڻ جي تج??يز ڏني وئي آهي. ناڻي واري وزارت جي ٻن نئين منصوبن جي ل??ءِ 1250 ملين رپيا جا فنڊز رکڻ جي تج??يز آهي، لاهور ۾ آ??ٽ هائوس جي تعمير جي ل??ءِ 250 ملين رپيا ۽ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي آن لائين بلنگ جي نظام جي ل??ءِ 1000 ملين رپيا رکڻ جي تج??يز ڏني وئي آهي.
پي ايس ڊي پي تحت ناڻي واري وزارت جي مختلف جاري ۽ نئين منصوبن جي لاءِ مجموعي طور تي 3220 ملين رپين فنڊز رکڻ جي تجويز
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں