اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته جيستائين پاڪستان ۾ ٽيڪس اوڳاڙين ۾ اضافو نٿو ٿئي، تيستائين ملڪي معيشت جي بهتري م??ڪن نه آهي، اسمگلنگ کي ر??ڪڻ جي لاءِ سڄي م??ڪ خاص طور تي سرحدي علائقن ۾ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي، ڪاروباري برادري جي مسئل?? جو حل حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، ڪاروباري برادري م??جوده ملڪي معاشي حالتن جي باوجود ملڪي معيشت جي ترقي ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏوگڏ روزگار جا موقعا فراهم ڪري رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان اسلام آباد ايوان واپار ۽ صنعت جي وفد صدر احسن ظفر بختاوري جي قيادت ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ڪامرس سيڪريٽري، صنعت واري سيڪريٽري، ايف بي آر چيئرمين، سي ڊي اي چيئرمين ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي نگران وزيراعظم چيو ته ڪاروباري طبقي جي تجويزن جي آجيان ڪريون ٿا، انهن مان قابل عمل تجويزن تي عملدرآمد جي خاطري ڪرايان ٿو، وزارت عظميٰ جي ذميواري سنڀاليندي ئي ڪاروباري برادري سان ملاقاتون ڪيون ۽ انهن جا مسئلا ٻڌا، ڪاروباري برادري م??جوده ملڪي معاشي حالتن جي باوجود ملڪي معيشت جي ترقي ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏوگڏ روزگار جا موقعا فراهم ڪري رهي آهي. نگران وزيراعظم چيو ته حڪومت ٽيڪس جي نظام ۾ سڌارا يقيني بڻائي رهي آهي، جنهن جي لاءِ ٽيڪس جو نظام ڊيجيٽلائيزڊ ڪيو پيو وڃي، جيستائين پاڪستان ۾ ٽيڪس اوڳاڙين ۾ اضافو نه ٿو ٿئي تيستائين ملڪي معيشت جي بهتري م??ڪن نه آهي. اسمگلنگ کي ر??ڪڻ جي لاءِ سڄي م??ڪ خاص طور تي سرحدي علائقن ۾ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي. اسمگلنگ کي ر??ڪڻ جي حوالي سان گذريل 48 ڪلاڪن دوران ڪريڪ ڊائون ڪيو ويو آهي، جنهن جا مثبت نتيجا اچي رهيا آهن. هن چيو ته پاڙيسري م??ڪن سان واپار جي فروغ لاءِ مشاورت جاري آهي. اسمگلنگ کي ر??ڪڻ جو پاڙيسري م??ڪن جي عملدارن آجيان ڪئي، واپارين، صنعتڪارن ۽ سيڙپڪار?? جو اعتماد بحال ڪري م??ڪي معيشت کي وڌيڪ مستحڪم ڪنداسين. بجلي جي شعبي ۾ سڌار?? جو عمل تيزي سان جاري آهي. بجلي چوري جي خلاف موثر ڪارروائي ڪئي ويندي، ملڪي مسئلن جي حل لاءِ سڀني ڌرين سان مشاورت جاري آهي. ڪامرس واري وزارت سڄي م??ڪ جي چيمبرز کان باقاعدگي سان تجويزن ۽ مشاورت کي يقيني بڻائي. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته ايف بي آر پوائنٽ آف سيل جي دائري کي وسيع ڪرڻ جي حوالي سان جلد رپورٽ پيش ڪئي وڃي. پاڪستاني سفارتخانن ۾ مقرر ڪمرشل اتاشين جي ڪارڪردگي کي بهتر ڪيو وڃي، سي ڊي اي جي نظام ۾ بهتري آندي وڃي ۽ ڪاروباري برادري کي مشاورتي عمل جو حصو بڻايو وڃي. سي ڊي اي شهرين کي ڏني ويندڙ سمورين سهولتن ۽ لينڊ رڪارڊ کي ڊيجيٽلائيزڊ ڪري. ملاقات ۾ واپاري برادري نگران وزيراعظم کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. وفد نگران وزيراعظم کي واپاري برادري جي مسئلن جي حوالي بابت آگاهه ڪيو ۽ انهن جي حل لاءِ پنهنجون تجويزون پيش ڪيون. نگران وزيراعظم وفد جي تجويزن جي آجيان ڪئي ۽ انهن جي مسئلن جي حل جي خاطري ڪرائي.
جيستائين پاڪستان ۾ ٽيڪس اوڳاڙين ۾ اضافو نٿو ٿئي، تيستائين ملڪي معيشت جي بهتري ممڪن نه آهي، اسمگلنگ کي روڪڻ جي لاءِ سڄي ملڪ خاص طور تي سرحدي علائقن ۾ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری