بيجنگ – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ چيو آهي ته ”بيلٽ ايينڊ روڊ“ تعاون منصوب??بن??ي کي حقيقت ۾ بدلائيندي عالمي تعاون ۾ وڏا ثمر حاصل ڪيا آهن. گذريل 10 سالن ۾ اقتصادي لنگهه جي تعمير جي سلسلي ۾ وڏن چئيلنجز ۽ انفارميشن هائي ويز کي اهميت ڏيندي ريلوي، رستن، هوائي اڏن، بندرگاهن ۽ پائيپ لائين نيٽ ورڪس جي ذريعي مختلف ملڪن ??ي وچ ۾ مصنوعات، سَرمائي، ٽيڪنالاجي ۽ عملي ??ي وڏي پئماني تي گردش کي فروغ ڏنو ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بيجنگ ۾ عالمي تعاون بابت ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. شي جن پنگ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ”بيلٽ اينڊ روڊ“ جي گڏيل ت??مير، گڏيل ت??قي ۽ فتح فتح تي ٻڌل ت??اون کي فروغ ڏئي رهي آهي. اسان نظرياتي ڇڪتاڻ، جاگرافيائي سياسي گيمز، بلاڪ س??اسي ڇڪتاڻ، هڪطرفي پ??بن??ين، معاشي ڏاڍ ۽ ”ڊي ڪپلنگ“ جو هرگز حصو نه آهيون. پنهنجي خطاب ۾ شي جن پنگ ”بيلٽ اينڊ روڊ“ جي اعليٰ معيار جي گڏيل ت??مير جي حمايت جي لاءِ چين جي 8 قدمن جو اعلان ڪيو. انهن ۾ بيلٽ اينڊ روڊ جي لاءِ ٽه رخي رابطا نيٽ ورڪ جي تعمير، کليل ذهن تي ٻڌل عالمي معيشت جوڙڻ جي حمايت، عملي تعاون، ماحول دوست ترقي، سائنسي ۽ فني جدت طرازي، مختلف ملڪن جي عوام ??ي وچ ۾ رابطن، بدعنواني کان پاڪ رستي ۽ ”بيلٽ ايينڊ روڊ“ عالمي تعاون جي مڪينزم کي بهتر بڻائڻ شامل آهي. شي جن پنگ چيو ته ڪورونا وائرس جي عالمي وبا پکڙجڻ کانپوءِ ”بيلٽ اينڊ روڊ“ زندگي ۽ صحت جو رستو بڻ??ي ويو آهي. چين مختلف ملڪن کي اربين ماسڪ ۽ ويڪسين جون 2 ارب 30 ڪروڙ خوراڪ فراهم ڪيون آهن ۽ 20 کان وڌيڪ ملڪن سان ويڪسين تيار ڪرڻ ۾ تعاون ڪيو آهي، جنهن سان بيلٽ اينڊ روڊ سان واڳيل حصيدارن جي لاءِ وبا جي خلاف منفرد ڪردار ادا ڪيو ويو آهي. چين ۾ وبا جي عروج تي ان کي 70 کان وڌيڪ ملڪن پاران قابل قدر مدد ملي. شي جن پنگ چيو ته اسان دل جي گهراين سان سمجهون ٿا ته رڳو گڏيل مفادن تي ٻڌل ت??اون سان ئي اسان سٺا نتيجا حاصل ڪري سگهون ٿا. 10 سالا تاريخ ثابت ڪيو آهي ته بيلٽ اينڊ روڊ جي گڏيل ت??مير تاريخ جي صحيح چونڊ آهي ۽ زماني جي ترقي جي منطق جي عين موجب آهي.
بيلٽ ايينڊ روڊ تعاون منصوبابندي کي حقيقت ۾ بدلائيندي عالمي تعاون ۾ وڏا ثمر حاصل ڪيا آهن: چين جو صدر شي جن پنگ
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن