اسلام آباد – 25 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آه?? ته پاڪستان آئين تحت وفاقي پارلياماني جمهوري ملڪ آه?? ۽ قوم جو گڏيل اتفاق آه?? ته ملڪ وفاقي پارلياماني جمهوري نظام تحت ئي هلندو، نظام ۾ بهتري جي گنجائش سدائين موجود رهي ٿي، جمهوريت جو نظام عوام جي لاءِ آه?? ۽ عوام وٽ چونڊيل نمائندن کي جوابده بڻائڻ جو اختيار هجڻ گهرجي، رياستي عملداري سان سوشل ميڊيا تي بي بنياد پروپئگنڊه جو مقابلوڪيو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) جي اهتمام هيٺ ”چوند ضابطه اخلاق: ميديا سميت ڌرين جو اخلاقي طرزعمل“ جي موضوع تي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. سيمينار ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري، پرنسپل انفارميشن آفيسر ڊاڪٽر طارق محمود خان، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ ان جي لاڳاپيل ادارن جا عملدار پڻ موجود هئا. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چونڊ عمل بابت مثبت عوامي رويو جوڙڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ا??يڪشن ڪميشن ميڊيا جي لاءِ هڪ ضابطه اخلاق جاري ڪيو آه?? جيڪو اردو ۽ انگريزي ٻنهي زبانن ۾ موجود آه??، مين اسٽريم ميڊيا بشمول ٽي وي چينلز ۽ اخبارون پنهنجي نيوز رومز ۾ ان ضابطه اخلاق کي ضرور رکن ۽ پنهنجي اينڪرز ۽ رپورٽرز کي پڻ فراهم ڪن، جيڪڏهن ان ضابطه اخلاق بابت ڪي سوال آه?? ته ا??ي اليڪشن ڪميشن کان پڇي سگهجن ٿا. هن چيو ته 8 فيبروري 2024ع خميس ڏينهن عام چونڊون ٿي رهيون آه??، چونڊن جي حوالي سان ڪيترن ئي ماڻهن قياص آرائيون، غلط فهميون ۽ غلط معلومات ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، ڪنهن کي سرديءَ جي موسم ۽ ڪنهن کي سيڪيورٽي جي ڪري اليڪشن ملتوي نظر آيا. هن چيو ته 17 آگ??ٽ 2023ع کانپوءِ نگران حڪومت جو مسلسل اهو ئي موقف رهيو آه?? ته چونڊون اليڪشن ڪميشن جي ڏنل تاريخ تي ٿينديون ۽ جڏهن چونڊن جي تاريخ جو اعلان ٿيو ته ا?? کانپوءِ هر فلور تي مستقل مزاجي سان وفاقي حڪومت جو موقف پيش ڪيو ته چونڊون 8 فيبروري 2024ع تي ٿينديون. هن چيو ته ضابطه اخلاق جي حوالي سان اسان جي ڪوشش هجڻ گهرجي ته ماڻهن جي اندر چونڊ عمل بابت مثبت رويو جوڙيو وڃي. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ مختلف طرح جا سياسي نظام آه??، اسان جي ملڪ 1973ع جي آئين ۾ طئي ڪيو ته هي ملڪ پارلياماني وفاقي جمهوري نظام تحت هلندو، ان جي اندر مختلف تبديليون ۽ ترميمون ڪري ان کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ضرور ٿي ۽ اڃا تائين قوم جو گڏيل اتفاق اهو ئي آه?? ته هي ملڪ وفاقي پارلياماني جمهوري نظام تحت ئي هلندو. هن چيو ته جمهوري نظام عوام جي لاءِ آه??، عوام ۽ جمهوريت جي وچ ۾ تعلق کي سمجهڻ ضروري آه??. نگران وفاقي وزير چيو ته 18 هين ترميم جي اندر آرٽيڪل 224 ۾ ترميم ڪري نگران حڪومتن جو نظام ڏنو ويو، گذريل ڏينهن نگران سيٽ اپ تي تنقيد ڪئي وئي پر ان نظام ۾ تبديلي جو رستو به پارليامينٽ ئي آه??. هن چيو ته ڪيترن ئي پارلياماني نظامن ۾ متناسب نمائندگي جو نظام هوندو آه??، اهڙي طرح پارليامينٽ ۾ مخصوص سيٽون به هڪ متناسب فارمولي تحت ئي جوڙيون وڃن ٿيون. ري ڪال اليڪشن جو ذڪر ڪندي هن چيو ته جيڪڏهن عوام ڪنهن نمائندي کي چونڊيو آه?? ته عوام وٽ اختيار هجڻ گهرجي ته ا??ا پنهنجي چونڊيل نمائندي کي جوابده بڻائي سگهي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته ري ڪال اليڪشن سڀ کان اڳ يونان ۾ شروع ٿي ۽ هاڻي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ اهو نظام موجود آه??. نگران وفاقي وزير چيو ته مين اسٽريم ميڊيا خاص طور تي ٽي وي چينلز جي لاءِ ريگيوليٽر اٿارٽي پيمرا موجود آه?? ان لاءِ ضابطه اخلاق جي حوالي سان ان جون ايتريون شڪايتون نه آه??. هن چيو ته سڀ کان وڏو چئلينج ڊيجيٽل فرنٽيئر تي آه?? جتي مسئلا موجود آه??، خدشو آه?? ته ڊيجيٽل ميڊيا تي ري جنريٽو آرٽيفيشل انٽيلي جنس، وائيس ڪلوننگ، ڊيپ فيڪ، پروپئگنڊه، روبو ڪالز، آٽوميٽيڊ ٽرولز فارمز اليڪشنز کي متاثر ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته چونڊن ۾ وقت گهٽ رهجي ويو آه?? جڏهن ته ڊيجيٽل فرنٽيئر تي ڪجهه قوتون پاڪستان جي اندر عدم استحڪام ۽ افراتفري چاهين ٿيون، اسان کي اهڙين قوتن جي ارادن بابت هوشيار رهڻو پوندو، پي ٽي اي،ايف آءِ اي، اطلاعات واري وزارت سميت رياستي ادارا انهن خطرن جو مقابلو ڪري رهيا آه??. هن چيو ته قوم جو گڏيل اتفاق آه?? ته هي ملڪ انهن جا چونڊيل نمائندا هلائيندا ۽ وفاقي پارلياماني جمهوري نظام سان ئي ملڪ مضبوط ٿيندو. هن چيو ته اسان جو مقصد 8 فيبروري جي چونڊن کي پرامن طريقي سان منعقدڪرڻ آه??، اسان جي ڪوشش آه?? ته ڪنهن افراتفري کانسواءِ چونڊون ٿين ۽ عوام وڏي پئماني تي پنهنجي پسند جي پارٽين ۽ اميدوارن کي ووٽ ڏي.
پاڪستان آئين تحت وفاقي پارلياماني جمهوري ملڪ آهي ۽ قوم جو گڏيل اتفاق آهي ته ملڪ وفاقي پارلياماني جمهوري نظام تحت ئي هلندو، نظام ۾ بهتري جي گنجائش سدائين موجود رهي ٿي: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا سانتا کیٹرینا