اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ ۾ آءِ ٽي جي شعبي جي فروغ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته نوجوانن کي بااختيار بڻ??ئڻ جي لاءِ انهن کي جديد ٽيڪنالاجي ۽ پيشيواراڻي مهارتن سان ليس ڪري انهن جي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ تي پخت?? يقين رکان ٿو، مصنوعي ذهانت ۽ روبوٽڪس سميت اسان کي جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آءِ ٽي جي شعبي ۾ عورتن جي خدمتن جي پذيرائي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته هزارين ڊالر ڪمائيندڙ عورتن جي تقريب ۾ شرڪت ڪري خوشي ٿي آهي، اها انهن جي نمايان ڪاميابي آهي، انهن عورتن جي صلاحيتن جي حوصلا افزائي جي ضرورت آهي. هن چيو ته صنفي امتياز جو خاتمو اولين ترجيح آهي، سعودي عرب ۾ ڪاروبار سميت مختلف شعبن ۾ 40 سيڪڙو عورتون ڪم ڪن ٿيون. هن چيو ته ملڪ جي انتهائي باصلاحيت لکين نوجوانن تي ٻڌل ملڪ جي عظيم اثاثي جي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ هر ممڪن سهولتون فراهم ڪنداسين، نوجوانن کي بااختيار بڻ??ئڻ جي لاءِ انهن کي پيشيواراڻي تربيت ۽ جديد ٽيڪنالاجي جون مهارتون فراهم ڪرڻ تي پخت?? يقين رکان ٿو، انٽر پرينيورز ملڪ جي لاءِ پرڏيهي ناڻو ڪمائي رهيا آهن، نوجوانن کي بااختيار بڻ??ئڻ جي لاءِ ضروري سيڙپڪاري فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته فن ٽيڪ جي فروغ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون، ان جو معاشي ترقي ۾ اه?? ڪردار آهي، پنهنجو اڪائونٽ ۽ پئسو ڪمايو، مصنوعي ذهانت ۽ روبوٽڪس سميت اسان کي جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻڻ گهرجي. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه چيو ته مختلف شعبن ۾ عورتن جي ڪردار کي وسار?? نٿو سگهجي، عورتون ملڪ کي معاشي طور تي مستحڪم ڪرڻ ۾ اه?? ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. هن چيو ته هڪ پاليسي تحت ملڪ ۾ فائبر آپٽڪ جو ڄارو وڇايو پيو وڃي، شاگردن کي سستي اگهن تي موبائيل ۽ ٽيبليٽس جي فراهمي يقيني بڻ??ئي پئي وڃي، آءِ ٽي جي شعبي ۾ عورتن جي شرڪت يقيني بڻ??ئڻ جي لاءِ انهن کي سازگار ماحول فراهم ڪيو ويندو. تقريب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف آءِ ٽي جي شعبي ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏيندڙ عورتن ۾ سرٽيفڪيٽس ورهايا.
ملڪ ۾ آءِ ٽي جي شعبي جي فروغ جي ضرورت آهي، نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ انهن کي جديد ٽيڪنالاجي ۽ پيشيواراڻي مهارتن سان ليس ڪري انهن جي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ تي پختو يقين رکان ٿو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : را کی کتاب