اسلام آباد -20 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته چين پاڪستان جو پراڻو دوست آهي، جنهن هر ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي، چين سان تعاون جي معاهدن ۽ مفاهمتي يادداشتن تي عملدرآمد ۾ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ برداشت نه ڪئي ويندي. وزيراعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ مان جاري ??يان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ چين جي دوري ??ي معاهدن تي اڳڀرائي ۽ پاڪ چين تعاون جي حوالي سان جائزيوار اجلاس منعقد ٿيو، ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته چين سان تعاون جي معاهدن ۽ مفاهمتي يادداشتن تي عملدرآمد ۾ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ برداشت نه ڪئي ويندي. چين پاڪستان جو پراڻو دوست آهي، جنهن هر ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي. وزيراعظم چيو ته چيني اعليٰ قيادت پاڪستان ۾ سيڙپڪاري کي وڌيڪ وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان ۾ چيني صنعت جي م??تقلي سان ملڪي معيشت جي بهتري ۽ روزگار جا نوان موقعا۽ پاڪستان جي روانگي واپار ۾ واڌ ٿيندي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي مختلف منصوبن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي رٿابندي واري وزير پنهنجي هاڻوڪي چين جي دوري ??ي حوالي سان به تفصيلي طور آگاهه ڪيو.بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سکر حيدرآباد موٽر وي کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ذريعي م??رر ڪيو ويندو، چين ۾ هڪ هزار شاگردن کي سرڪاري ??رچ تي جديد زرعي پيشيواراڻي تربيت لاءِ موڪلڻ لاءِ لائحه عمل مڪمل ٿي چڪو آهي، هلندڙ تعليمي سال جي شروعات تي شاگردن جي پهرين کيپ چين موڪلي پئي وڃي. ايندڙ کيپ پاڪستان ۾ چيني ٻولي سکڻ کان پوءِ چين جي جديد زرعي يونيورسٽين ۾ موڪلي ويندي جن جي م??صوبابندي ٿي چڪ?? آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته درآمدي ڪوئلي تي هلندڙ بجلي گهرن کي م??امي ڪوئلي تي م??تقل ڪرڻ جي حوالي سان لائحه عمل به حتمي مرحلي ۾ آهي، پاڪستان ۾ ڪاروباري ۽ سيڙپڪاري ??ي م??قعن جي حوالي سان جلد بيجنگ ۾ چين جي تعاون سان هڪ روڊ شو منعقد ڪيو پيو وڃي. پاڪستان ۾ چيني صنعتن جي م??تقلي لاءِ اجلاس کي هڪ جامع روڊ ميپ پيش ڪيو ويو. اجلاس کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته چيني ٽيڪسٽائل، طبي ۽ جراحي اوزارن، پلاسٽڪ ۽ چمڙي جي صنعتن کي پاڪستان ۾ منتقل ڪرڻ لاءِ چيني ??مپنين سان ڀائيواري ڪئي ويندي. 78 پاڪستاني ??مپنين شروعاتي طور چيني صنعتن جي پاڪستان ۾ منتقلي لاءِ ڀائيواري ۾ گهري ??لچسپي جو اظهار ڪيوآهي، سيڙپڪاري ??ورڊ ان حوالي سان اڳڀرائي ۽ لائحه عمل تي جامع رپورٽ پيش ڪئي. وزيراعظم سيڙپڪاري ??ورڊ جي حوالي سان قدمن ۽ سفارشن جي تعريف ڪئي. وزيراعظم لاڳاپيل ادارن ۽ آفيسرن کي پاڪستاني ??مپنين کي چيني ??مپنين سان ڀائيواري ۾ هر قسم جون سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئ?? آهي. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزيرن ڄام ڪمال خان، عبدالعليم خان، احد خان چيمه، محمد اورنگزيب، عطاالله تارڙ، ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين شرڪت ڪئي. وفاقي وزير احسن اقبال، خواجه آصف ۽ راڻا تنوير حسين ويڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.
چين سان تعاون جي معاهدن ۽ مفاهمتي يادداشتن تي عملدرآمد ۾ ڪا به رڪاوٽ برداشت نه ڪئي ويندي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لوٹوفاسیل