نيويارڪ -20 مارچ (اي پي پي)پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪ??ئونسل کان مطالبو ڪيو آهي، ته هو پنهنجي ٺهرائن خا?? طور تي پراڻن تڪرارن جي ٺهرائن تي عملدرآمد جي طريقن تي سنجيدگي سان غور ڪري، پاڪستان ان ڳالهه تي زور ڀريو ته 15 رڪني اداري کي وڌندڙ چئلينجن جو جواب ڏيڻ لاءِ وڌيڪ شفاف، جوابده، جامع ۽ جمهوري بڻجڻ گهرجي. سلامتي ڪ??ئونسل جي نئين سر تنظيم سازي لاءِ ڊگهي عرصي جي جاري ڳالهين کي ٻيهر شروع ٿيڻ تي سفير منير اڪرم نمائندن کي ٻڌايو ته ڪا به شئي ڪ??ئونسل جي س??ک جي چونڊ لاڳو ڪرڻ ۽ ان جي ٺهرائن تي عمل نه ڪرڻ کي وڌيڪ مجروح ناهي ڪندي، ٺهرائن تي عملدرآمد ۾ ناڪامي سلامتي ڪ??ئونسل جي ساک کي مجروح ڪندي آهي ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي ذريعي فرض ڪيل ذميوارين کي پورو ڪرڻ جي انهي جي اهليت تي اعتماد کي ختم ڪري ٿي. پنهنجي رمارڪس ۾ پاڪستان جي سفير سلامتي ڪ??ئونسل جي ڪم ڪرڻ جي طريقن م شفافيت، احتساب ۽ شموليت کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ بامعنيٰ سڌارا حاصل ڪرڻ لاءِ اجتماعي ڪوششن تي زور ڀريو. ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڏيندي ته گڏيل قومن جي چارٽر سلامتي ڪ??ئونسل ۽ جنرل ا??يم??لي ٻنهي کان الڳ الڳ پر تڪميلي ڪ??دار وڏي اهميت رکي ٿو. هن چيو ته اسان سڀني کي سلامتي ڪ??ئونسل طرفان جنرل ا??يم??لي کي فعال ۽ اختيارن تي مسلسل تجويزون، خا?? طور تي قانوني معيار قائم ڪرڻ ۽ جنرل ا??يم??لي جي دائريڪار ۾ آيل مختلف مسئلن لاءِ تعريفن جي تعين جي حوالي سان سنجيدگي سان ڳڻتي هئڻ گهرجي. گڏيل قومن جي سڌاراتي عمل جي هڪ حصي طور تي ڪ??ئونسل کي وسعت ڏيڻ هڪ عام معاهدي باوجود ميمبر ملڪ تفصيلن تي ورهايل آهن. چار نام نهاد ميمبر ملڪن جو گروپ جنهن ۾ ڀارت، برازيل، جرمني ۽ جاپان شامل آهن اهي ڪ??ئونسل ۾ پنهنجي لاءِ مستقل سيٽون گهرن ٿا،ڪائونسل کي 10 سيٽن تائين وڌائڻ لاءِ پنهنجي دٻاءَ ۾ ڪا به لچڪ ناهي ڏيکاري، جنهن ۾ 6 اضافي مستقل ۽ 4 غير مستقل ميمبرن جو مطالبو شامل آهي جڏهن ته ٻئي پاسي اٽليءَ پاڪستان جي قيادت ۾ اتفاق راءِ وارو اتحاد (يو ايف سي) گروپ آهي، جيڪو اضافي مستقل ميمبرن جي سختي سان مخالفت ڪري ٿو. ميمبرن جي هڪ نئين ڪيٽيگري تجويز ڪئي وئي آهي ته وڌيڪ مستقل ميمبرن بجاءِ سلامتي ڪ??ئونسل جي ڊگهي مدي وارا غير مستقل ميمبر هجن جن جي ٻيهر چونڊ ممڪن هجي. پنهنجي مباحثي ۾ منير اڪرم طرفان بيان ڪيل اهم نقطن ۾ مستقل ميمبرن جي غير ضروري اثر رسوخ کي روڪڻ سان گڏوگڏ ڪائونسل جي جوابدهي ۽ شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ کليل اجلاسن ۾ گڏيل ڳالهين جي ضرورت، مڪمل شفافيت، بشمول جنرل ا??يم??لي جي رپورٽنگ جي معيار ۽ انگ کي وڌائڻ ۽ عوامي گڏجاڻيون ۽ بحث مباحثا منعقد ڪرڻ ، مباحثن ۾ شموليت، غير ڪائونسل ميمبرن جي انهن درخواستن تي خودڪار شرڪت جي اجازت ڏيڻ، (پين هولڊر) ڪائونسل جي ٺهرائن جي مسودن تي ڳالهيون ڪرڻ ۽ اهو مسودو تيار ڪندڙ ميمبرن جي نظام جو خاتمو يا اصلاح، ذيلي ادارن جي چيئرز جي مقرري لاءِ جمهوري عمل، ڪائونسل جي دهشتگردي جي خاتمي بابت لاڳو ڪرڻ ۾ وڌيڪ شفافيت ۽ اڻبرابري جو سلوڪ نه ڪرڻ سان گڏوگڏ مناسب عمل ۽ موثر روڪٿام کي يقيني بڻائڻ لاءِ انهن جي اصلاح ڪرڻ شامل آهي.
سلامتي ڪائونسل پراڻن تڪرارن تي پنهنجن ٺهرائن تي عملدرآمد جي طريقن تي سنجيدگي سان غور ڪري: پاڪستان
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ