ابو??هب?? -27 مارچ (اي پي پي) ابو??هب?? جو سي ورلڊ ياس ٻيٽ دنيا جي سڀ کان وڏي واٽر انڊورٿيم پارڪ طور گن??ز بڪ آف ورلڊ رڪارڊز ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ميڊيا رپورٽن مطابق ان موقعي تي سي ورلڊياس ج?? جنرل مئنيجر ٿومس ڪيورلي گن??ز بڪ آف ورلڊ رڪا??ڊ ۾ داخل ٿيڻ تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو آهي، ته هي ڪاميابي ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ٿيم پارڪ ۾ ايندڙ هر عمر جي ماڻهو کي بهترين تفريحي، تعليمي سهولت فراهم ڪرڻ سميت سامونڊي جيوت جي تحفظ بابت آگاهي پڻ ڏني ويندي آهي.گن??ز بڪ آف ورلڊ رڪا??ڊ ۾ داخل سي ورلڊياس ٻيٽ جو نالو دنيا جي بهترين تفريحي منصوبن ۾ نمايان هوندو جتي سڄي دنيا جا سياح آبي حيات ۽ سامونڊي خوبصورتي بابت معلومات حاصل ڪري سگهندا.ميرال گروپ جي سي اي او محمد عبدالله الزعابي ۽ سي ورلڊ ابو??هب?? جي انتظاميه گن??ز بڪ ۾ نالو داخل ٿيڻ جو سرٽيفڪيٽ حاصل ڪيو. ياد رهي ته هڪ لک 83 هزار مربع ميٽرن تي پکڙيل 5 ماڙ ٿيم پارڪ جي افتتاح کي اڃا هڪ سال مڪمل ٿيو آهي.
سي ورلڊ ابوظهبي سڀ کان وڏي واٽر پارڪ طور گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ شامل
مضمون کا ماخذ : گرم سے زیادہ گرم