گڏيل قومون – 31 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ڪيوبا خلاف 32 سالن کان لاڳو آمريڪي اقتصادي پابندين جي خاتمي جي مط??لبي جو ورجاءُ ڪيو آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نا??ب نمائندي عثمان جدون گڏيل قومن جي 193 رڪني ج??رل اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ۾ ڪيوبا ۾ بنيادي شين جي کوٽ، بدترين معاشي بحران تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته هڪ طرفيون اقتصادي پابنديون لاڳو ڪرڻ غير نتيجي جوڳي ۽ گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قا??ون جي مقصدن ۽ اصولن سان هڪ جهڙائي نٿيون رکن. ان م??قعي تي ج??رل اسيمبلي ڪيوبا تي آمريڪي پابندين جي خاتمي جي مط??لبي تي ٻڌل ٺهراءُ وڏي اڪثريت سان م??ظور ڪري ورتو. ج??رل اسيمبلي ۾ ٿيل ووٽنگ ۾ ٺهراءُ جي حق ۾ 187 ووٽ وڌا ويا جڏهن ته رڳو ٻن م??ڪن آمريڪا ۽ اسرائيل ٺهراءَ جي مخالفت ڪئي ۽ هڪ ملڪ ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو. ان م??قعي تي پاڪستاني نمائندي عثمان جدون چيو ته پاڪستان ڪيوبا جي پنهنجن وسيلن خاص طور تي خوراڪ ۽ دوائن جي حق کي تسليم ڪري ٿو. پاڪستاني نمائندي واضح ڪيو ته ڪيوبا تي آمريڪي پابندين جهڙا قدم پائيدار ترقي بابت 2030ع جي ايجنڊا ۾ شامل اسان جي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ نقصانڪار آهن ۽ اسان سمجهون ٿا ته پابندي جو خاتمو ڪيوبا جي ماڻهن جي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائڻ ڏانهن هڪ اهم قدم هوندو.
پاڪستان طرفان ڪيوبا خلاف آمريڪي پابنديون ختم ڪرڻ جي مطالبي جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : سانتا کا سرپرائز