اسلام آباد – 23 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف جي صدارت ۾ ڪالهه اربع ڏينهن وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ لائين آف ڪنٽرول جي صورتحال تي غور ڪيو ويو ۽ ڀارت پاران اشتعال انگيز فائرنگ ۽ گولاباري جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙ?? جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي. ڪابينا عوامي نمائندن ۽ عوامي عهديدار?? جي پگهارن ۾ اضافي جي منظوري ڏني. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ مي??يا کي بريفنگ ڏيندي اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته ڪابينا سينيٽ چيئرمين، قومي اسيمبلي جي اس??يڪ??، سينيٽ جي ڊ??ٽي چيئرمين، قومي اسيمبلي جي ڊ??ٽي اس??يڪ??، پارليامينٽ ميمبرن، وفاقي وزيرن ۽ مملڪتي وزير?? جي پگهارن ۾ اضافي جي منظوري ڏني آهي، اهو معاملو 13، 14 سالن کان التوا ۾ پيل هو، عوامي نمائندن ۽ عوامي عهدو رکندڙن جون بنيادي پگهارون صوبائي نمائند?? جي ڀيٽ ۾ گهٽ هيون.
اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير پاران وفاقي ڪابينا جي اجلاس بابت بريفنگ
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی گائیڈ