اسلام آباد – 23 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان آسٽريليا سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو ۽ گڏيل دلچسپ?? جي سمورن شعبن ۾ آسٽريليا سان ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ چاهي ٿو، تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت جي شعبن ۾ آسٽريليا سان تعاون ک?? فروغ ڏيڻ جي ضرورت آه?? جيڪو پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ مددگار ثابت ٿيندو. صدر اهڙن خيالن جو اظهار پرڏيه?? وزارت جي عهدو ڇڏيندڙ ترجمان ۽ آسٽريليا ۾ پاڪستان جي نامزد هاءِ ڪمشنر زاهد حفيظ چوڌري سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي صدر زور ڏنو ته پاڪستان ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي تعاون وڌائڻ جا وسيع امڪان آهن. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان آسٽريليا سان مختلف شعبن ۾ خاص طور تي تعليم، زراعت، واپار، پاڻ?? جي انتظام، کاڻين ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي (آءِ ٽي) ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ چاهي ٿو. هن آسٽريليا کان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري کي متوجهه ڪرڻ جي ضرورت تي به زور ڏنو، هن وڌيڪ چيو ته مل?? ڪاروباري دوست پاليسيون اختيار ڪيون ۽ پنهنجو ڌيان جيوسياست کان جيو اڪنامڪس ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو. حڪومت پاران ٻاهرين مل?? رهندڙ پاڪستانين جي مثبت ڪردار جي حوصلا افزائي جو حوالو ڏيندي صدر نامزد هاءِ ڪمشنر کي چيو ته هو آسٽريليا ۾ پاڪستاني شهرين جي سهولت ۽ ڀلائي ۽ ترقي لاءِ ڪم ڪري ۽ کين هر ممڪن تعاون ۽ خدمتون فراهم ڪري. آسٽريليا ۾ پاڪستاني شاگردن جي قابل ذڪر تعداد کي نظر ۾ رکندي هن ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ تعليمي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪيو. صدر زاهد حفيظ چوڌري کي آسٽريليا ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر جي طور تي مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ ان کي چيو ته هو پاڪستان آسٽريليا تعاون کي وڌيڪ مضبوط ۽ متنوع بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، هن پرڏيهي آفيس جي ترجمان جي طور تي پنهنج?? فرضن کي بهترين طريقي سان انجام ڏيڻ تي زاهد حفيظ چوڌر?? جي واکاڻ ڪئي ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته هو انهي جذبي سان آسٽريليا ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر جا فرض سرانجام ڏيندو.
پاڪستان آسٽريليا سان لاڳاپن کي وڏي اهميت ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ چاهي ٿو: صدر
مضمون کا ماخذ : پاور بال انعامات