اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ??اضي جي حڪمرانن کي اوورسيز پاڪستانين جي مٽاسٽا جي ناڻي سان ته ??يار هو پر هو انهن کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي خل??ف هئا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ٽي آءِ برطانيه جي صدر عبدالستار رانا ۽ سينئر نائب صدر ملڪ ع??ران خليل ملاقات دوران ڪيو جنهن مملڪتي وزير سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران اوورسيز پاڪستانين جي مسئلن جي حل، ٻاهرين ملڪن ۾ پاڪستاني مشنز جي ڪردار ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پي ٽي آءِ برطانيه جي عهديدارن ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ تي وزيراعظم عمران خان ۽ سندس ٽيم جو ٿورو ادا ڪيو، مملڪتي وزير چيو ته ??اضي ?? سمورين حڪومتن کي اوورسيز پاڪستانين جي مٽاسٽا جي ناڻي سان ته ??يار هو پر هو کين ووٽ جو حق ڏيڻ جي خل??ف هئا،. هن چيو ته ??زيراعظم عمران خان 90 لک اوورسيز پاڪستانين سان اليڪشن کان اڳ جيڪو واعدو ڪيو هو اهو پورو ڪري ڏيکاريو. فرخ حبيب چيو ته ??زيراعظم عمران خان برطانيه سميت سڄي دنيا ۾ قائم پاڪستاني مشنز کي واضح هدايتون ڏئي رکيون آهن ته ??اڪستانين جي مسئلن کي فوري حل ۽ هر ممڪن سهولت فراهم ڪن. عبدالستار رانا چيو ته ??اهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين لاءِ روشن ڊجيٽل اڪائونٽ، پنهنجو گهر اسڪيم جهڙا پروگرام جاري ڪرڻ تي پي ٽي آءِ حڪومت جا ٿورائتا آهيون. ملڪ ع??ران خليل چيو ته ايندڙ اليڪشن ۾ سڄي دنيا ۾ رهندڙ پاڪستاني عمران خان کي ووٽ ڏيندا، پي ٽي آءِ برطانيه جي قيادت اوورسيز پاڪستانين جي لاءِ پاور آف اٽارني جاري ڪرڻ جي لاءِ آٽوميشن نظام متعارف ڪرائڻ تي وزيراعظم عمران خان جو ٿورو ادا ڪيو. هن چيو ته ??اور آف اٽارني جي آن لائين تصديق ۽ جاري ڪرڻ سان هزارين سمنڊ پار پاڪستانين جو فائدو ٿيندو. پراڻي ڪرپٽ نظام مان فائدو کڻندڙ ملڪ ۾ تبديلي نه چاهيندا هئا.
ماضي جي حڪمرانن کي اوورسيز پاڪستانين جي مٽاسٽا جي ناڻي سان ته پيار هو پر هو انهن کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي خلاف هئا: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : نتیجہ بہت زیادہ