اسلام آباد – 25 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڏکڻ پنجاب صوبي جي قيام لاءِ آئيني ترميمي بل قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر کي پيش ڪري ڇڏيو آهي. ڊپٽي اسپيڪر قا??م خان سوري به ان موقعي تي موجود ه??. پ??ڏيهي وز??ر قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي درخواست ڪئي ته ان بل کي سومر تي منعقد ٿيندڙ قومي اسيمبلي جي اجلاس جي ايجنڊا ۾ شامل ڪيو وڃي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر پرڏيهي وزير جي درخواست تي ان ڏکڻ پنجاب آئيني ترميمي بل کي سومر تي منعقد ٿيندڙ اجلاس جي ايجنڊا ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏي??. پ??ڏيهي وزير چي?? ته ڏکڻ پنجاب صوبي جو قيام پاڪستان تحريڪ انصاف جي منشور جو حصو آهي. هن چي?? ته وزيراعظم عمران خان ميلسي جي عوامي رابطا جلسي ۾ ڏکڻ پنجاب آئيني ترميمي بل پارليامينٽ ۾ آڻڻ جو اعلان ڪيو، وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي مون آئيني ترميمي بل، قانون واري وزارت جي منظوري کانپوءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي خدمت ۾ پيش ڪري ڇڏيو آهي، اڄ وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف ڏکڻ پنجاب جي عوام سان ڪيل هڪ ??يو واعدو پورو ڪري ڇڏيو آهي.
پرڏيهي وزير پاران ڏکڻ پنجاب صوبي جي قيام لاءِ آئيني ترميمي بل قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر کي پيش
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے عمومی نمبر