اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پ?? پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڪمبوڊيا ۾ جاري آسيان ريجنل فورم جي وزارتي اجلاس جي موقعي تي يورپي يو??ين جي اعل??ٰ نمائندي جوزف بوريل سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ اعل??ٰ نمائندي جي وچ ۾ پاڪستان ۽ يورپي يو??ين جي وچ ۾ ٻطرفي ۽ علائقائي تعاون جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ٻنهي اڳواڻن باقاعده مٽاسٽا ۽ فائديمند گڏيل تعاون جي اهميت تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي وزير ٻطرفي واپار تي جي ايس پي پ??س جي اثرن کي ساراهيو. هن پاڪستان ۾ ترقياي منصوبن جي لاءِ يورپي يو??ين جي حمايت ڪندي پ??ليٽيڪل ڊائيلاگ سان گڏوگڏ پاڪ يورپي يو??ين اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جلد کان جلد منعقد ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن افغ??نس??ان جي تازي صورتحال ۽ سياسي منظرنامي ۾ اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري افغ??نس??ان ۾ ??نس??ني ۽ معاشي بحران کي روڪڻ جي لاءِ مسلسل رابطن ۽ ڳالهه ٻولهه جي اهميت تي زور ڏنو. هن اعل??ٰ نمائندي کي ??نس??ني امداد جي فراهمي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کان به آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير ۽ يورپي يو??ين جي اعل??ٰ نمائندي پاڪستان جي صورتحال تي ويجهي رابطاڪاري ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان يورپي يونين جي اعليٰ نمائندي جوزف بوريل سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : Raging Rhino