اسلام آباد – 25 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ٻوڏ جي صورتحال کي قومي ايمرجنسي قرار ڏيندي چيو آهي ته سنڌ ۽ بلوچستان صوبي ۾ غيرمعمولي تباهي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قومي جذبو ڏيکارڻو پوندو، ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ سموري قوم خاص طور تي ٻاهرئ??ن ملڪ ره??دڙ پاڪستانين جي عطيي جي ضرورت آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته تمام وڏي پئماني تي ٿيندڙ تباهي جي ڪري وڏي رقم گهربل هوندي. وفاقي حڪومت صوبن سان گڏجي ڀرپور ڪوششون ڪري ره?? آهي، وسيلن کي استعمال ۾ آندو پيو وڃي، تيز برساتن ۽ شديد ٻوڏ وارن ريلن جي ڪري ريليف جي ڪمن ۾ مشڪلاتون اچي ره??ون آهن، عوام جي مدد سان متاثرين جي ريسڪيو ۽ ريليف جي عمل کي تيز بڻائي سگهجي ٿو. هن چيو ته وزيراعظم فلڊ ريليف اڪائونٽ 2022ع ۾ عطيو جمع ڪرائڻ جا تفصيل اڳ ۾ ئي جاري ڪيا ويا آهن، اندرون ۽ ٻاهرئ??ن ملڪ ره??دڙ پاڪستاني عطيو اڪائونٽ (پرائيم منسٽر ريليف ف??ڊ اڪائونٽ 2022ع اڪائونٽ نمبر: G-12164) ۾ جمع ڪرائي سگهن ٿا. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته مصيبت ۾ گهيريل هم وطن اسان جي مدد جا منتظر آهن، اچو اسان سڀ بڻجون سهارو. ٻاهرئ??ن ملڪ پاڪستاني وايا ٽرانسفر، مني سر??س بيوروز، مني ٽرانسفر آپريٽرز ۽ ايڪسچينج هائوسز جي ذريعي به عطيو موڪلي سگهن ٿا. عطيو سڀني ڪمرشل بئنڪن ۾ روڪ به جمع ڪرائي سگهجي ٿو. هن چيو ته بئنڪن جي ڊراپ باڪس ۾ ڪراس چيڪ، موبائيل ۽ انٽرنيٽ بئنڪنگ، اي ٽي ايمز، اي بي ايف پي، راست جي ذريعي به جمع ڪرائي سگهجن ٿا.
مريم اورنگزيب پاران ٻوڏ جي صورتحال قومي ايمرجنسي قرار
مضمون کا ماخذ : گرم گرم