اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ۽ مسلم ليگ (ق) جي سيني??ر اڳواڻ چوڌري شجاعت حسين اتفاق ڪي?? آهي ته حڪومت جون سموريون اتحادي پارٽيون عوام جي ڀلائي لاءِ هڪ ٿي ڪم ڪنديون رهنديون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان مسلم ليگ (ق) جي سيني??ر اڳواڻ چوڌري شجاعت حسين ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ جي سياسي ۽ مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته حڪومت جون سموريون اتحادي پارٽيون عوام جي ڀلائي لاءِ هڪ ٿي ڪم ڪنديون رهنديون. ملاقات دوران مسلم ليگ (ق) جي ا??واڻن ان عزم جو اظهار ڪيو ته اهي هر مشڪل حالتن ۾ حڪومت سان گڏ بيٺل آهن. ان موقعي تي وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي ??ار?? وفاقي وزير طارق بشير چيما، قانون ??ار?? وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، سيڙپڪاري بورڊ ??ار?? وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين ۽ وزيراعظم جا خاص معاونين ملڪ احمد خان ۽ عطاءُ الله تارڙ پڻ موجود هئا.
چوڌري شجاعت حسين سان اتفاق آهي ته حڪومت جون سموريون اتحادي پارٽيون عوام جي ڀلائي لاءِ هڪ ٿي ڪم ڪنديون رهنديون: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاتعداد وشال پانڈا