اسلام آب??د ?? 23 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اسان جو ??و به سياسي دوست ۽ سياسي دشمن نه آهي، ڪنهن به سياسي پارٽي کي پنهنجا خيال پيش ڪرڻ جي ??زادي حاصل آهي، تنقيد انهن جو جمهوري حق آهي، اسان اهو حق انهن کان نه ٿا کسي سگهون. نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته اسان ڪنهن به سياسي پارٽي جي ??ق ۾ ۽ مخالف نه آهيون، ملڪ جي ??ئين ۽ قانون تحت هلندڙ ڪنهن به ڪارروائي ۾ اسان ڪنهن به قسم جي مداخلت جو ارادو نه ٿا رکون، جيڪڏهن ڪنهن جي ??لاف آئين، قانون ۽ عدالتون ڪي قدم کڻن ٿيون اسان ان عمل کي نه ٿا روڪي سگهون. چونڊن جي ??والي سان سوال تي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته اليڪشن ڪميشن آئيني ادارو آهي، صاف، شفاف، غيرجانبداراڻي ۽ آزاد چونڊون منعقد ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جي ??ميواري آهي. هن چيو ته اسان پنهنجي ??لف جي پاسداري ڪنداسين، حلف جي ??لاف ورزي جو سوچي به نه ٿا سگهون، اسان وٽ نااميدي ۽ واعدي خلافي جي ڪا خبر نه آهي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن پنهنجي ويب سائيٽ تي پورو شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو آهي، اليڪشن ايڪٽ تحت سياسي پارٽين کي مهم جي لاءِ 54 ڏينهن ڏيڻا پوندا. هن چيو ته پاڪستان هڪ جمهوري ملڪ آهي، ماڻهن کي اظهار راءِ جي ??زادي حاصل آهي. هن چيو ته اسان جي ??ميواري آهي ته اسان حڪومتي معاملن کي بهتر بڻايون. هن چيو ته مهانگائي هڪ حقيقت آهي، عوام جي مشڪلاتن جو احساس آهي، ڪو به ملڪ مهانگو تيل خريد ڪري سستو وڪرو ڪرڻ کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي. صدر جي ٽوئيٽ جي ??والي سان هن چيو ته صدر جنهن ڏينهن ٽوئيٽ ڪيو انهي ڏينهن اسان قانوني پوزيشن واضح ڪري ڇڏي هئي. صدر کي رياستي نظام ۾ اهم حيثيت حاصل آهي، صدر آئين تحت پارليامينٽ جو حصو آهي، اسان جي ??ڪومت انهن جي منصب جو احترام ڪري ٿي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي ڪراچي جي ??وري جو ذڪر ڪندي هن چيو ته ڪراچي واپاري مرڪز آهي، نگران وزيراعظم هتي ڪاروباري ماڻهن سان ملاقات ڪئي. هن چيو ته اسان معيشت کي مستحڪم ڪنداسين، عوام جي پئسي جو زيان نه ڪيو ويندو، 16 رڪني ڪابينا جو هر ميمبر پنهنجي ??عبي جو ماهر آهي. هن چيو ته عوام جي ??عائن، مدد ۽ آئيڊياز جي ??رورت هوندي. بٽگرام چيئر لفٽ واقعي جو ذڪر ڪندي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته اسان جي ??وانن پيشيواراڻي انداز ۾ بهادري سان ٻارن کي ريسڪيو ڪيو، مقامي ماڻهن به بهادري جو مظاهرو ڪيو، نگران وزيراعظم کي چيئر لفٽ واقعي تي اڳڀرائي کان مسلسل آگاهه ڪيو ويندو رهيو. جڙانوالا واقعي بابت هن چيو ته جڙانوالا جهڙا واقعا اوچتو رونما نه ٿا ٿين، ان جي هڪ تاريخ آهي، جڙانوالا واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي سزا ملنديون. هن چيو ته معاشري ۾ عدم برداشت جو ??لچر هڪ ڏينهن ۾ نه پيدا ٿيو آهي نه ختم ٿيندو. هن چيو ته معاشري مان عدم برداشت جي ڪلچر جو خاتمو ضروري آهي، ان ڏس ۾ گهر، اسڪول، مدرسي، ميڊيا، عدالتن، انتظاميا ۽ حڪومت کي پنهنجو ??ردار ادا ڪرڻو پوندو.
اسان جو ڪو به سياسي دوست ۽ سياسي دشمن نه آهي، ڪنهن به سياسي پارٽي کي پنهنجا خيال پيش ڪرڻ جي آزادي حاصل آهي، تنقيد انهن جو جمهوري حق آهي، اسان اهو حق انهن کان نه ٿا کسي سگهون: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : ریل رش