اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارتي قبضي جي خلاف سڀاڻي جمعي ڏينهن ڪنٽرول لائين جي ٻنهي طرفن پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري ڪارو ڏينهن ملهائيندا. 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڪشمير جي تاريخ جو ڪارو ترين باب لکيو ويو ان ڏينهن ڀارتي هٿياربند فوج س??ور?? عالمي اصول ?? ض??بط?? ۽ قانونن کي پنهنجي پيرن هيٺان لتاڙيندي واديءَ ڪشمير ۾ داخل ٿي. ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان، آزاد ڪشمير ۽ مختلف ملڪن ۾ رهندڙ ڪشميري ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني شهداءِ ڪشمير کي خراج عقيدت پيش ڪندا. ڪاري ڏينهن جي موقعي تي جلسا جلوس ڪڍيا ويندا جڏهن ته پاڪستاني سفارتخانن ?? ٻين سفارتي مشنز جي اهتمام هيٺ مختلف تقريبن ۽ سيمينارز جو اهتمام ڪيو ويندو جن ۾ ڪشمير بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن، ڪشميرين جي خودمختياري جي حق لاءِ بي مثال قربانين کي اجاگر ۽ ڀارت جي هٿان والاريل علائقي ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين کي بي نقاب ڪيو ويندو. پاڪستان خودمختياري جي حق جي لاءِ جدوجهد ڪندڙ ڪشميري عوام جي سدائين سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت ڪئي آهي.
ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارتي قبضي جي خلاف ڪشميري ڪارو ڏينهن ملهائيندا
مضمون کا ماخذ : قدیم مصری کلاسک