اسلام آباد-07 فيبروري (اي پي پي) اليڪشن ڪ??يشن آف پاڪستان سوشل ميڊيا ۾ بيلٽ پيپرز جي پرنٽنگ ۽ سائيز بابت هلندڙ وڊيو کي گمراهه ڪندڙ قرار ڏيندي واضح ڪيو آهي ته بيلٽ پيپرز ماضي وانگر اردو الفابيٽ جي ترتيب سان پرنٽ ڪيا ويا آهن. اليڪشن ڪ??يشن مان جاري بيان ۾ ترجمان چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي بيلٽ پيپرز جي پرنٽنگ ۽ سائيز بابت هلندڙ هڪ وڊيو گمراهه ڪندڙ آهي. واضح رهي ته ??ميشه اميدوارن جي انگ جي حساب سان بيلٽ پيپر سنگل، ڊبل ۽ ٽرپل ڪالم ۽ اردو الفابيٽ جي ترتيب ۾ پرنٽ ڪيو ويندو آهي ۽ هن ڀيري به انهي ترتيب سان پرنٽ ڪيو ويو آهي، جڏهن ??ه بيلٽ پيپر جي فولڊنگ ۽ اليڪشن جي ٻين مرحلن بابت معلوماتي وڊيوز اليڪشن ڪ??يشن جي ويب سائيٽ www.ecp.gov.pk ۽ يوٽيوب چئنل تي موجود آهن. ووٽرز کي سوشل ميڊيا ۾ گردش ڪندڙ خبرن تي اعتبار ڪرڻ بدران معلومات لاءِ ??رف اليڪشن ڪ??يشن مان جاري ڪيل آگاهي وڊيوز مان فائدو کڻڻ گهرجي يا ڪنهن ??ڪايت جي صورت ۾ اليڪشن ڪ??يشن جي قائم ڪيل ڪمپلينٽ سيل تي 0151111327000 تي رابطو ڪن.
اليڪشن ڪميشن سوشل ميڊيا ۾ بيلٽ پيپرز جي پرنٽنگ ۽ سائيز بابت وڊيو کي گمراهه ڪندڙ قرار ڏئي ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : خوش قسمت لڑکی