اسلام آباد – 16 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڪراچي اليڪٽرڪ کي ??رپيش مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته نگران حڪومت پنهنجي گهٽ مدي ۾ معاشي استحڪام جي لاءِ وڏا پراڻا مسئلا هل ڪيا، م??ڪ ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي لاءِ عالمي سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادري کي ??موريون سهولتون ڏيڻ اولين ترجيح رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪراچي اليڪٽرڪ جي مختلف معاملن بابت ج??ئزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ توانائي واري نگران وفاقي وزير محمد علي، لاڳاپيل اعليٰ عملدارن ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر شرڪت ڪئي. ڪراچي اليڪٽرڪ جي وفد نگران وزيراعظم ۽ سندس ٽيم جا ڪراچي اليڪٽرڪ جا پراڻا مسئلا حل ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪراچي اليڪٽرڪ کي ??رپيش باقي مسئلن جو پڻ ترجيحي بنيادن تي حل ڪڍيو وڃي. هن چيو ته نگران حڪومت پنهنجي گهٽ مدي ۾ ملڪ کي معاشي استحڪام طرف گامزن ڪرڻ جي لاءِ وڏا پراڻا مسئلا حل ڪيا. هن چيو ته ملڪ ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي لاءِ عالمي سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادري کي ??موريون سهولتون ڏيڻ حڪومت جي اولين ترجيح رهي آهي، حڪومت ان بنيادي اصول تي عمل پيرا ٿي مثبت نتيجا حاصل ڪيا، نگران حڪومت آخري ڏينهن تائين ملڪي معيشت ??ي درپيش مسئلن جي حل لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندي. نگران وزيراعظم گذريل ڏينهن نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسٽريبيوشن ڪمپني (اين ٽي ڊي سي) ۽ ڪراچي اليڪٽرڪ (ڪي اِي) جي وچ ۾ انٽر ڪنيڪشن معاهدي تي صحيحن کي ??وش آئنده قرار ڏنو. ڪراچي اليڪٽرڪ جي سي اي او حڪومت پاران ڪمپني کي ??رپيش مسئلن جي ترجيحي بنيادن تي حل تي نگران وزيراعظم ۽ حڪومتي اهلڪارن کي ??راج تحسين پيش ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته باقي رهيل مسئلن جو به جلد حل ڪڍي حڪومت ڪراچي جي رهواسين کي ??جلي جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي راهه ۾ ايندڙ سموريون رڪاوٽون ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. اجلاس ۾ ڪراچي اليڪٽرڪ جا مسئلا ۽ انهن جي حل لاءِ تجويزون پيش ڪيون ويون. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته نيپرا ۽ ڪراچي اليڪٽرڪ ترجيحي بنيادن تي گڏجي انهن مسئلن جو حل ڳولين ۽ ان سلسلي ۾ جلد کان جلد رپورٽ پيش ڪن.
نگران وزيراعظم پاران ڪراچي اليڪٽرڪ کي درپيش مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : سمندری ڈاکو گولڈ