ر??ول??نڊي – 08 فيبروري (اي پي پي) عام چونڊن 2024 ۾ ر??ول??نڊي ضلعي ۾ پولنگ جو ??مل پرامن طريقي سان مڪمل ٿيو. ر??ول??نڊي ضلعي ۾ عام چونڊون 2024 لاءِ 7 قومي اسيمبلي ۽ 14 صوبائي اسيمبلي جي اميدوارن جي چونڊ لاءِ پولنگ پرامن طريقي سان ختم ٿي وئي. صبح 8 وڳي شروع ٿيل پولنگ شام 5 وڳي تائين ڪنهن به وقفي کانسواءِ جاري رهي. پوليس طرفان ضلعي جي سمورن پولنگ اسٽيشنز تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا جتي ووٽرز ڪنهن به خوف کانسواءِ پنهنجي راءِ ڏيڻ جو حق استعمال ڪيو. ضلعي جي ڪ??هن به حصي ۾ ڪو اڻ وڻندڙ واقعو پيش نه آيو. آزاداڻي، منصفاڻي ۽ شفاف چونڊن لاءِ 16500 کان وڌيڪ پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن سيڪيورٽي جا فرض ادا ڪيا. حساسيت جي لحاظ سان ڪيٽيگري اي جي 694 پولنگ اسٽيشنز، بي ڪ??ٽيگري جا 1371 ۽ سي ڪ??ٽيگري جا 3425 پولنگ اسٽيشن هئا. ريجنل پوليس آفيسر ر??ول??نڊي ريجن سيد خرم علي مطابق اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي جاري ڪ??ل ضابطه اخلاق تي ??مل کي هر قيمت تي يقيني بڻايو ويو.
عام چونڊون 2024: راولپنڊي ضلعي ۾ پولنگ جو عمل پرامن طريقي سان مڪمل ٿيو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے بہترین ٹکٹ