واشنگٽن -16 اپريل (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چي?? آهي، ته اقتصادي سڌارن جي پروگرام ۾ معاونت لاءِ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) سان ڪيترن ئي اربين ڊالرن جي ن??ين قرض جي معاهدي تي ڳالهيون شروع ڪري ڇڏيون آهن. واپاري جنگ ۾ پاڪستان لاءِ ويٽنام جهڙو ڪردار ادا ڪرڻ ۽ آمريڪا کي پنهنجي ايڪسپورٽ ۾ واڌ ڪرڻ جو هڪ سٺو موقعو مليو آهي. اهڙو اظهار هن واشنگٽن جي دوري دوران فرانس جي خابرو ايجنسي کي ڏنل انٽرويو ۾ چي??. هن چي?? ته هن وقت اڳ کان موجود 3 ارب ڊالرن جي ماليت جي اسٽينڊ باءِ معاهدي تحت پروگرام ختم ٿيڻ جي ويجهو آهي ۽ ان معاهدي جي 1.1 ارب ڊالرن جي حتمي قسط جو هن مهيني جي آخر ۾ منظور ٿيڻ جو امڪان آهي. ناڻي واري وزير چي?? ته پاڪستان ڪيترن ئي اربين ڊالرن جي ماليت جي قرض پروگرام جي حوالي سان آءِ ايم ايف سان ڳالهيون شروع ڪري ڇڏيون آهن. جيڪي ڪيترن ئي سالن تي ٻڌل هونديون. هن چي?? ته گذريل سال جي ابتڙ هن سال پاڪستان جي معيشت جي شروعات سٺي ٿي آهي، آءِ ايم ايف سان ن??ين پروگرام جي امڪانن سان ئي مارڪيٽ جي اعتماد ۾ واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي. هن چي?? ته پاڪستان آءِ ايم ايف سان گهٽ ۾ گهٽ 3 سالن جي پروگرام لاءِ رابطو ڪري رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته اسان کي ڍانچي وار سڌارن جي ايجنڊا کي عملي جامو پهرائڻ ل??ءِ ان پروگرام جي ضرورت آهي. هن چي?? ته مئي جي ٻئي يا ٽين هفتي تا??ين آءِ ايم ايف پروگرام بابت بنيادي معاملن کي طئي ڪرڻ تا??ين پهچي وينداسين. ناڻي واري وزير چي?? ته آمريڪا پاڪستان جو وڏو واپاري ڀائيوار آهي، آمريڪا هميشه خاص طور تي سيڙپڪاري جي حوالي سان پاڪستان جي مدد ڪئي آهي. چي?? پاڪستان اقتصادي راهداري جو ذڪر ڪندي ناڻي واري وزير چي?? ته ان تحت چي?? بنيادي ڍانچي کي ترقي ڏيارڻ ل??ءِ وسيع سيڙپڪاري ڪئي آهي. هن چي?? ته واپاري جنگ ۾ پاڪستان لاءِ ويٽنام جهڙو ڪردار ادا ڪرڻ ۽ پنهنجي ايڪسپورٽ ۾ واڌ جو هڪ سٺو موقعو آهي، رياستي ملڪيتي ادارن ۾ سڌارن ۽ نجڪاري پروگرام جي سوال تي هن چي?? ته پي آءِ اي جي نجڪاري جي حوالي سان اسان ايندڙ مهيني يا ان کان ڪجهه وڌيڪ عرصي ۾ امڪاني واڪ ڏيندڙن جي دلچسپي جي حوالي سان معلومات ملي ويندي ۽ اسان جي خواهش آهي ته ان عمل کي جون جي آخر تا??ين مڪمل ڪيو وڃي. ايندڙ ٻن سالن ۾ نجڪاري جي پروگرام ۾ تيزي آڻينداسين. واضح رهي ته ناڻي وارو وزير آءِ ايم ايف ۽ عالمي بئنڪ جي سالياني اجلاس جي موقعي تي آمريڪا جي دوري تي آهي.
اقتصادي سڌارن جي پروگرام ۾ معاونت لاءِ آءِ ايم ايف سان اربين ڊالرن جي نئين قرض جي معاهدي تي ڳالهيون شروع ڪيون آهن: ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر