گڏيل قومون-27 سيپٽمبر (اي پي پي) پا??ست??ن افغانستان ۾ موجود تحريڪ طالبان پا??ست??ن کي خطي، عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو قرار ڏئي ڇڏيو آهي، گڏيل قومن ۾ پا??ست??ن جي مستقل نمائندي منير اڪرم افغانستان جي صورتحال تي 15 رڪني سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ خبردار ڪيو آهي ته افغانستان ۾ داعش جي خاتمي کانپوءِ ننڍا دهشتگرد گروپ ٽي ٽي پي ۾ شامل ٿي سگهن ٿا جيڪي خطي، عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو آهن، هن چيو ته جيستائين ٽي ٽي پي ۽ ٻين دهشتگرد گروهن جو خاتمو نٿو ڪيو وڃي اهي افغانستان جي پاڙيسري ملڪن ۽ امڪاني طور تي عالمي برادري لاءِ سدائين خطرو بڻيل رهندا. هن چيو ته ٽي ٽي پي پا??ست??ني فوجي چوڪين ۽ پا??ست??ن جي اندر شهري هدفن تي سرحد پار کان دهشتگرد حملن جي ذميوار آهي. نالي وٺڻ کانسواءِ ڀارت طرف اشارو ڪندي هن چيو ته خطي ۾ حالتن کي خراب ڪندڙ ملڪن طرفان ٽي ٽي پي جي سرپرستي سان انهن خدشن ۾ اضافو ٿيو آهي. هن افغانستان جي طالبان حڪومت جي داعش خراسان ۽ داعش جي دهشتگردن خلاف جنگ ۾ ڪجهه حد تائين حاصل ٿيل ڪاميا??ي جي باري ۾ ڳالهه ڪئي ۽ کين بي اثر ڪرڻ لاءِ پا??ست??ن جي حمايت ۽ سهڪار جي عزم جي تصديق ڪئي. هن چيو ته ٽي ٽي پي جا دهشتگردن طرفان پرڏيهي فوج جا ڇڏيل جديد فوجي ساز ۽ سامان حاصل ڪرڻ ۽ استعمال سبب سرحدي حملا وڌيڪ خطرناڪ ٿي ويا آهن، هن چيو ته پا??ست??ن اندر ٽي ٽي پي حملن ۾ وڌيڪ افغان شهري شامل آهن. منير اڪرم چيو ته افغان حڪومت افغانستان لاءِ پا??ست??ن جي خصوصي ايلچي آصف دراني کي انهن حملن ۾ ملوث ٽي ٽي پي عنصرن خلاف ڪارروائي جي خاطري ڪرائي آهي. ان کانسواءِ پا??ست??ن مان ??ال?? جي افغانستان اسمگلنگ جي پا??ست??ن جي معيشت ۽ پا??ست??ني ڪرنسي جي قدر تي تباهي آڻيندڙ اثر پيا آهن تنهن هوندي به موجوده حڪومت طرفان ڪرنسي جي اسمگلنگ خلاف موثر ڪريڪ ڊائون جي نتيجي ۾ صورتحال ??ست??ڪم ٿي آهي. هن زور ڀريو ته افغان بئنڪنگ سسٽم کي بحال ڪرڻ گهرجي، ٻاهرين ملڪ رکيل افغانستان جا قومي اثاثا آجا ڪرايا وڃن ۽ کين افغانستان کي واپس ڪيو وڃي ۽ ترقياتي منصوبن لاءِ افغانستان جي مالي ??مد??د بحال ڪئي وڃي، هن چيو ته اسان پا??ست??ن، افغانستان، وچ ايشيا سان گڏوگڏ پا??ست??ن – چين ۽ افغانستان وچ ۾ علائقائي رابطن جي منصوبن جي جلد لاڳو ڪرڻ جا منتظر آهيون.
ٽي ٽي پي خطي، عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو آهي، افغانستان جا پرڏيهه ۾ پيل اثاثا آجا ڪرايا وڃن: منير اڪرم
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی لاٹری کی تاریخ