گڏيل قومون- 03 نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ڪيوبا تي لاڳو آم??يڪا ج?? اقتصادي ۽ واپاري پابندين خلاف قرار??اد کي وڏي اڪثريت سا?? منظور ڪري ورتو آهي. آم??يڪا ڪيوبا خلاف هي پابنديون پهريون ڀيرو 1960ع ۾ لڳايون هيون، ”ڪيوبا خلاف رياست متحد آم??يڪا طرفان لاڳو اقتصادي، واپاري ۽ مالياتي پابندين جي خاتمي جي ضرورت“ جي عنوان سا?? هر سا?? پيش ڪيل قرار??اد جي حق ۾ جنرل اسيمبلي جي ميمبر 187 ملڪن ووٽ ڏنا صرف آم??يڪا ۽ اسرائيل ان جي خلاف ووٽ ڏنو ۽ يوڪرين راءِ شماري ۾ حصو نه ورتو. راءِ شماري کان اڳ قرار??اد تي مسلسل ٻن ڏينهن تائين بحث ٿيو. جنرل اسيمبلي سمورين رياستن کان ان مطالبي جو ورجاءُ ڪيو ته هو گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانونن تحت پنهنجي ذميوارين موجب پابنديون لاڳو ڪندڙ اهڙن قانونن ۽ قدمن کي لاڳو ??رڻ کان پاسو ڪري. ڪيوبا ج?? پرڏيهي وزير برونو روڊ ريگوز پاريلا چيو ته سندن ملڪ خلاف آم??يڪا طرفان 60 سا?? اڳ لاڳو ڪيل پابنديون ڪيوبا ج?? سمورن حقن جي خلاف ورزي آهن. هن چيو ته ڪيوبا ج?? 80 سيڪڙو آبادي پنهنجي سڄي عمر سندن ملڪ تي آم??يڪا طرفان لاڳو پابندين جي حالت ۾ گذاري چڪي آهي، هن وڌيڪ چيو ته سندن ملڪ خلاف آم??يڪي پابنديون اقتصادي جنگ آهن ۽ سندن مقصد ملڪ ۾ حڪومتي ۽ آئيني نظام کي تباهه ??رڻ جي ڪوشش آهي. گڏيل قومن ۾ پيرو جي سفير لوئس يوگاريلي چيو ته اهي پابنديون گڏيل قومن جي چارٽر ۽ انساني حقن جي عالمي قانونن خلاف آهن.
ڪيوبا تي آمريڪي پابندين خلاف قرارداد جنرل اسيمبلي هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي اڪثريت سان منظور ڪري ورتي
مضمون کا ماخذ : اولمپس کے خدا