غزه -28 نومبر (اي پي پي) قطر ??يو آهي، ته ڌرين ۾ غزه ۾ چئن ڏينهن جي جنگ بندي ۾ وڌيڪ ٻن ڏينهن جي واڌ تي اتفاق ڪيو آهي. ??ها واڌ ڌرين وچ ۾ جمعي تي طئي ٿيل معاهدي تحت آخري 11 اسرائيلن جي آزادي بعد ڪئي وئي. بي بي سي جي رپورٽ موجب اسرائيل جي اختيارين ٻڌايو آهي ته آزاد ٿيلن ۾ 3 سالن جا جاڙا ٻار ۽ سندن والده کان علاوه وڌيڪ 6 ٻار ۽ هڪ عورت ۽ سندس ٻار شامل آهن. قطر ??يو آهي، ته آزادي ماڻيندڙن ۾ فرانس، جرمني ۽ ارجنٽائين جي شهريت رکندڙ ماڻهو به شامل آهن. قيدين جي آمد جي تصديق ٿيڻ بعد اسرائيل جي جيل اٿارٽي ??يو آهي، ته 33 فلسطيني قيد??ن کي آزاد ڪيو ويو آهي. قطر جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ماجد الانصاري ايڪس تي جاري بيان ۾ ??يو آهي، ته ڌرين وچ ۾ ٽياڪڙي دوران غزه ۾ وڌيڪ ٻن ڏينهن لاءِ انساني همدردي تحت جنگ بندي جو مدو وڌائڻ جو معاهدو طئي ٿي ويو آهي. وائيٽ هائوس جي قومي سلامتي جي ترجمان جان ڪربي صحاف??ن کي ٻڌايو ته امريڪا غزه ۾ جنگ بندي ۾ واڌ جي آجيان ڪئي آهي. هن ??يو ته يقينن اسان اميد ڪيون ٿا ته ان وقف?? کي وڌيڪ وڌايو ويندو ۽ ان جو دارو مدار غزه مان يرغمال??ن کي آزاد ڪرڻ تي هوندو. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتو??يو گوتريش ان قدم کي جنگ جي اونداهين وچ ۾ اميد ۽ انسانيت جي هڪ جهلڪ قرار ڏنو آهي. جرمني جي پرڏيهي وزير يرغمالين جي آزاد جي آجيان ڪئي جنهن ۾ ٻه جرمن نوجوان به شامل آهن.
غزه ۾ چئن ڏينهن جي جنگ بندي ۾ وڌيڪ ٻن ڏينهن جي واڌ تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نمبر