بوڪوس-26 ڊسمبر (اي ??ي پي) نائجيريا جي سينٽرل علائقن ۾ ڪيترن ئي ڳوٺن تي هٿياربندن جي حملن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 160 ڄڻا مارجي ويا ۽ 300 کان وڌيڪ زخمي ٿي پ??ا آهن. پرڏيهي خابرو اداري مطابق مقامي اختيارين ٻُڌايو آهي ته هٿياربندن نائجيريا جي مرڪزي علائقي ۾ ڪيترن ئي ڳوٺن تي حملا ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 160 ڄڻا مارجي و??ا آهن. پليٽيو اسٽيٽ جي گادي واري هنڌ بوڪوس ۾ مقامي حڪومت جي سربراهه پير ڪاسا 160 ڄڻن جي مارجڻ جي تصديق ڪئي آهي. هن ٻُڌايو ته هٿياربندن مختلف بر??درين جي گهرن تي حملا ڪيا ۽ سندن گهرن کي باهيون ڏنيون. هن وڌيڪ ٻُڌايو ته حملن ۾ 300 کان وڌيڪ زخمي پڻ ٿ??ا آهن. واضح رهي ته ڄاڻايل علائقن ۾ تر??يل مسلمان ۽ عيسائي آباديءَ ۾ نسلي ۽ مذهبي تڪرار هلي ره??ا آهن.
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں