نيويارڪ-18 جنوري (اي پي پي)آمريڪي مئگزين فوربز دنيا جي ط??قتور ترين 10 ڪرنسين جي فهرست جاري ڪري ڇڏي، پنهنجي تازي رينڪنگ ۾ آمريڪي ڊالر کي 10 هون نمبر ڏنو ويو. فوربز لک??و آهي ته گڏيل قومن ۾ 180 ڪرنسين کي قانوني حيثيت حاصل آهي پر ڪنهن به ڪرنسي جي مقبو??يت يا ان جو وڌيڪ استعمال ان جي مستحڪم هجڻ جي علامت ناهي، مئگزين جي 10 جنوري تي جاري ڪيل رينڪنگ ۾ ڪويتي دينار طاقتور هجڻ جي اعتبار سان پهرين نمبر تي آهي جنهن جي ما??يت 3.25 ڊالر جي برابر آهي. ٻيو نمبر بحريني دينار جو آهي جنهن ما??يت 2.65 ڊالر آهي، عماني ريال 2.60 ڊالر سان ٽئين نمبر تي، اردني دينار 1.41 ڊالر سان چوٿين نمبر تي، جبرالٽر ۽ برطانوي پائونڊ 1.27 ڊالر سان پنجين نمبر ۽ ڇهين نمبر تي آهن، ستون نمبر ڪيمين آئي لينڊ ڊالر آهي جنهن جي ما??يت 1.20 ڊالر آهي?? سوئٽزرلينڊ جو فرانڪ 1.17 ڊالر ما??يت سان اٺين نمبر تي جڏهن ته يورو 1.9 ڊالر ما??يت سان نائين نمبر تي آهي، ان کانپوءِ آمريڪي ڊالر جو نمبر آهي، آمريڪي ڊالر دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ ۽ اڪثر بنيادي ريزور ڪرنسي ڳڻتي ويندي آهي پر ڪيترن ئي سببن جي بنياد تي ط??قتور هجڻ جي اعتبار سان هي ڪيترين ئي ڪرنسين کان هيٺ آهي.
آمريڪي مئگزين فوربز پاران دنيا جي طاقتور ترين 10 ڪرنسين جي لسٽ جاري، ڪويتي دينار پهرين جڏهن ته آمريڪي ڊالر آخري نمبر تي برقرار
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا جیک پاٹ