گڏيل قومون-19 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم چيو آهي ته ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) وڏي دهشتگرد تنظيم آهي، جيڪا پاڪستان جي وڏن دشمنن جي سرپرستيءَ سان ملڪ ۾ دهشتگرد حملا ڪري رهي آهي ۽ پاڪستان ٽي ٽي پي جي خطرن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ علائقائي ۽ عا??مي ادارن جي سهڪار سان قومي سطح تي قدم کڻندو. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته دنيا کي اف??ان??تان ۾ ۽ اف??ان??تان مان ٿيندڙ دهشتگرديءَ جي سنگين خطرن کان خبردار ڪندي ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي آهي ته گڏيل قومن جي مانيٽرنگ ٽيم جي 34هين رپورٽ اف??ان??تان مان ٿيندڙ دهشتگرديءَ جي پريشان ڪُن رُخ تي خاطرخواه روشني وڌي آهي. ٽي ٽي پي پاران علائقائي عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي نشاندهي ڪندي پاڪستاني سفير چيو ته ٽي ٽي پي تيزيءَ سان هڪ اهڙي دهشتگرد گروهه طور اُڀري رهيو آهي جنهن جي سرپرستيءَ ۾ ٻيا گروهه شامل ٿي رهيا آهن. هن خبردار ڪيو ته القاعده سان ان جي ڊگهي وابستگي کي ڏسن??ي ٽي ٽي پي کي القاعده جي علائقائي ۽ عا??مي دهشتگردي جي مقصدن جي قيادت سنڀالڻ ۾ وڌيڪ وقت نه لڳندو. هن زور ڀريو ته ويجهڙ ۾ ٽي ٽي پي جي خطرن کي مُنهن ڏيڻ جي باري ۾ هاڻ کان ئي فڪر ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان ٽي ٽي پي جي خطرن کي ختم ڪرڻ جي حواليس سان علائقائي ۽ عا??مي ادارن جي تعاون سان قومي سطح تي قدم کڻندو. پاڪستاني سفير اف??ان??تان ?? امن ۽ استحڪام جي حمايت لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو جيڪو اف??ان??تان جي پاڙيسري ملڪن ۽ عا??مي برادري جي سياسي شموليت کي هٿي ڏيڻ جي گڏيل خواهشن جي ترجماني ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان کي پختو يقين آهي ته اهڙي شموليت اف??ان??تان ۾ استحڪام ۽ حالتن جي معمول جي امڪانن کي بهتر بنائڻ لاءِ انتهائي اهم آهي. هن عارضي حڪومت طرفان خاص طور تي عورتن ۽ ٻارڙين خلاف جاري انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو. هن چيو ته اف??ان??تان جي عارضي حڪومت نه صرف عورتن ۽ ٻارڙين بابت پنهنجن وعدن کان انڪار ڪيو آهي پر انهن جي آواز کي دٻائڻ جي مقصد سان نيون هدايتون جاري ڪري صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪري ڇڏيو آهي. منير اڪرم چيو ته پاڪستان انهن قدمن جي مذمت ڪري ٿو. هن چيو ته جيتوڻيڪ اسان افغان طالبان جي حڪومت سان تعميري رابطن لاءِ پُرعزم آهيون پر اهو واضح ناهي ته کين پنهنجي ذميدارين کان بچڻ لاءِ علائقائي ۽ عا??مي حالتون متاثر ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهرجن. هن طالبان جي اقتدار سنڀالڻ جي 3 سالن کانپوءِ اف??ان??تان ۾ جاري انساني بحران تي به ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته 2 ڪروڙ 37 لک افغانين کي انساني امداد جي سخت ضرورت آهي ۽ پاڪستان عا??مي برادري تي زور ڀريندي چيو آهي ته هو بنا ڪنهن شرط جي انهن جي مدد ڪري. هن چيو ته افغان هيومينيٽرين نيڊز اينڊ ريسپانس پلان جنهن لاءِ 3.06 ارب ڊالرن جي امداد گهربل آهي، جيڪو گهربل فنڊز جو 25 سيڪڙو کان به گهٽ وصول ٿيو آهي. اها ڳالهه ضروري آهي ته افغان عوام جي ڏُکيائين کي گهٽ ڪرڻ لاءِ فنڊنگ جي سمورن امڪاني ذريعن کي متحرڪ ڪيو وڃي. هن اف??ان??تان جي معاشي بحاليءَ لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ افغان بئنڪاري نظام جي بحالي، ليڪوڊٽي بحران حل ڪرڻ ۽ اف??ان??تان جا قومي ذخيرا بحال ڪرڻ لاءِ ضروري حالتون پيدا ڪرڻ جي فوري ضرورت کي به اجاگر ڪيو. هن چيو ته پاڪستان اف??ان??تان سان واپاري لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پُرعزم آهي ۽ علائقائي انفراسٽرڪچر ۽ ڪنيڪٽوٽي جي منصوبن کي لاڳو ڪرڻ ۾ مُک شراڪتدار آهي جنهن سان خطي ۾ اقتصادي استحڪام ۽ ترقيءَ ۾ واڌ ٿيندي. پاڪستاني سفير اي آءِ جي تي زور ڀريو ته هو پنهنجي عا??مي ذميدارين جي تعميل ڪري ۽ خبردار ڪيو ته اندروني، علائقائي ۽ عا??مي عدم استحڪام کي هٿي ڏيڻ وارين پاليسين تي عمل کي روڪڻ ضروري آهي.
پاڪستان ٽي ٽي پي جي خطرن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ علائقائي ۽ عالمي ادارن جي سهڪار سان قومي سطح تي قدم کڻندو: منير اڪرم
مضمون کا ماخذ : قسمت کا پہیہ