ڪويت سٽي-22 آڪٽوبر (اي پي پي) ايران ??ي پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته ايران ??ي پاڙيسري ملڪن عهد ڪيو آهي ته هو ڪنهن حملي لاءِ پنهنجي سرزمين يا فضائي حدون استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندا. پرڏيهي ميڊيا مطابق ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي پهرين آڪٽوبر تي اسرائيل تي ايران ??ي ميزائل حملي جي ڪجهه هفتن کانپوءِ ڪويت ۾ هڪ پريس ڪانفرنس ۾ چيو آهي ته اسان ??ي سمورن پاڙيسري ملڪن اسان کي يقين ڏياريو آهي ته هو پنهنجي سرزمين يا فضائي حدن کي ايران ??لاف استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندا. هن چيو ته اسان ??طي ۾ آمريڪي اڏن جي چرپر تي گهري نظر رکي آهي ۽ انهن جي سموري چرپر ۽ اڏامن بابت ڄاڻون ٿا. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اسرائيل ڪنهن به شڪل ۾ ايرا?? تي حملو ڪري ٿو ته ايران ??ن جو جواب ڏيندو. هن چيو ته ايٽمي هنڌ?? تي حملو ڪرڻ عالمي ڏوهه آهي، ايتري قدر تي ايٽمي هنڌ?? تي حملي جي ڌمڪي ڏيڻ به هڪ ڏوهه ۽ عالمي حقن جي خلاف ورزي آهي. هن وڌيڪ چيو ته پنهنجي ۽ پنهنجي ايٽمي هنڌن جي دفاع لاءِ اسان وٽ پنهنجا اوزار ۽ طريقا آهن ۽ اسان ??نه?? تي ڀروسو ڪيون ٿا.
پاڙيسري ملڪ پنهنجي سرزمين يا فضائي حدن کي ايران خلاف استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندا: ايراني پرڏيهي وزير
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی