گڏيل قومون- 05 نومبر (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي جنر?? اسيمبلي جي ??حي?? لاءِ پنهنجي حمايت جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته امن ۽ سلامتيءَ جي حوالي سان ان اداري جي ڪردار ۾ يو اين چارٽر ۽ ٺهرائن مطابق تڪرارن جي ٽياڪڙي سان پُرامن حل کي هٿي وٺرائڻ شامل آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي وقتي مستقل نمائندي عثمان جدون 193 ميمبرن واري جنر?? اسيمبليءَ جي ??حي?? جي موضوع تي بحث دوران خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته اسيمبلي جي بنيادي ذميواري آهي ته هو امن ۽ سلامتيءَ جي پهلوئن جيئن ماحول ۽ امن، عورتن، امن ۽ سلامتي ۽ امن، ترقي ۽ انساني حقن وچ ۾ تعلق تي پنهنجي توجهه ڏي. پاڪستاني نمائندي جنر?? اسيمبليءَ جي عالمي نمائندگي جو واحد فورم هجڻ جي تصور کي اجاگر ڪندي واضح ڪيو ته ان اداري جو ڪم نقصانن ۽ خامين جي پويان اصل ۾ ڪجهه وڏن ملڪن جي انهن خواهشن ڪاربند آهن جيڪي ان اداري جي اختيار ۽ صل??حي?? جي مڪم?? استعمال ۾ رڪاوٽ آهن. هن تجويز پيش ڪئي ته جنر?? اسيمبلي پنهنجي فيصلن جي ساک وڌائڻ لاءِ پنهنجي ٺهرائن تي عملدرآمد جي نگراني ڪرڻ لاءِ مخصوص طريقيڪار واضح ڪري. ان سلسلي ۾ اولين قدم طور تي سيڪريٽريٽ مان درخواست ڪرڻ گهرجي ته هو هڪ خاص وقت اندر، جنر?? اسيمبليءَ جي ٺهرائن تي عملدرآمد جي صورتحال بابت رپورٽ پيش ڪري. هن سلامتي ڪائونسل طرفان چيپٽر 7 تحت منظور ڪيل ٺهرائن جا عالمي اصول بنائڻ لاءِ وڌندڙ استعمال تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته هي گڏيل قومن جي چارٽر ۾ ڏنل جامع جمهوري تصور جي خلاف آهي. ان موقعي تي هن ٽيڪس، ترقي ۽ـ ماحوليات جي حوالي سان مستقبل جي معاهدن ۾ جنر?? اسيمبليءَ جي سمورن ميمبر ملڪن جي شرڪت لاءِ ڳالهين جي ضرورت تي زور ڀريو.
يو اين چارٽر ۽ ٺهرائن مطابق تڪرارن جي ٽياڪڙيءَ سان پُرامن حل کي هٿي وٺرائڻ شامل آهي: پاڪستان
مضمون کا ماخذ : رومن دولت