اسلام آباد – 14 جون (اي پي پي( اطلاعات ۽ نشريات واري نگرا?? وفاقي وزير بيريسٽر سيد علي ظفر چيو آهي ته پاڻي جي مسئلي کي منهن ڏيڻ وقت جي ضرورت آهي، منهنجي ذاتي راءِ آهي ته ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ گهرجي پر ان لاءِ ڳالهين وسيلي قومي اتفاق راءِ سان اڳتي وڌڻ گهرجي، بجلي جي پيداوار ۽ طلب ۾ توازن جي لاءِ مشاورت سان گائيڊ لائينز تيار ڪري رهيا آهيون، لوڊش??ڊن?? بابت معلومات جي لاءِ ويب سائيٽ ٺاهي آهي جنهن تي لوڊش??ڊن?? سبب متاثر شهري پنهنجي شڪايت داخل ڪرائي سگهن ٿا، بل ادا نه ڪندڙ فيڊرز تي بجلي فراهم نه ٿا ڪري سگهون، توانائي ۽ زرعي شعبي جي لاءِ پاڻي تمام اهم آهي، اسان کي پاڻي جي معاملي تي ڀرپور ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، اسان کي ڀارت سان پڻ اهو مسئلو حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ٽي وي کي ڏنل هڪ انٽرويو دوران ڪيو.
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز