اسلام آباد – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته هو ال??ه تعاليٰ جي شڪرگذاري جي جذبي سان هن ايوان مان رخصت ٿي رهيو آهي، ال??ه تعاليٰ ۽ هن ملڪ جي عوام جيڪا ذميواري سندس حوالي ڪئي هئي ان جي ادائيگي ۾ هن ڪا ڪسر نه ڇڏي، سڀ کان وڏي ڳالهه اها ته هن پنهنجي اختيارن ۽ آئيني حدن جو ادراڪ ڪيو ۽ انهن تي سختي سان ڪاربند رهيو، ان معاملي ۾ هو پوري اطمينان دل ۽ انتهائي عاجزي سان اها دعويٰ ڪري سگهي ٿو ته هو ال??ه ۽ پنهنجي ضمير آڏو سرخرو رهيو آهي. اها ڳالهه هن ايوان صدر جي آفيسرن ۽ اهلڪارن سان ال??داعي ملاقات واري تقريب ?? چئي.
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیتنے کے طریقے